اسلام آباد – 24 جون (ا?? پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اوورسيز پاڪستانين کي انهن جا سياسي حق ڏيڻ سان گڏوگڏ چونڊ عمل کي وڌيڪ شفاف، محفوظ ۽ غير جانبدار بڻائڻ لاءِ چونڊ سڌارن جو عمل تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ چونڊ نظام کي مستحڪم بڻائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ سياسي پارٽين ۽ لاڳاپيل ادارن جي قومي ذميداري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چونڊ سڌارن جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي و??ري وفاقي و??ير سينيٽر شبلي فراز، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين، تعليم واري وفاقي و??ير شفقت محمود، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وفاقي و??ير امين الحق ۽ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ظهير الدين بابر اعواڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي چونڊ قانونن ۾ بهتري جي حوالي سان مختلف تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. اجلاس ۾ سڌارن واري عمل کي اڳتي وڌائڻ لاءِ سياسي پارٽين ۽ ٻين حصيدارن جي وچ ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر اليڪشنز ايڪٽ 2017ع جو حوالو ڏيندي چيو ته سمورين سياسي پارٽين جمهوري عمل کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ان جي حمايت ڪئي، هن ڀيري به سياسي پارٽين جي قيادت پاران اليڪٽرانڪ ووٽنگ مش??نن جي ذريعي شفاف چونڊ عمل جي حوالي سان عوام جي سياسي حقن جي تحفظ سان گڏوگڏ انٽرنيٽ ووٽنگ جي ذريعي سمنڊ پار پ??ڪستانين جي سهولت لاءِ انهي تعاون جي جذبي جو مظاهرو ڪرڻ جي ضرورت آهي.
صدر جي صدارت ۾ چونڊ سڌارن جي حوالي سان جائزي اجلاس
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa