اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عم??ان خان پاڪستان ۾ مقبول ترين اڳواڻ آهي، پاڪستان جي ع??ام کيس ووٽ ڏنو ۽ ان جي پرستار آهي، ايندڙ عام چونڊن ۾ به وزيراعظم عم??ان خان ڪاميابي حاصل ڪندو، چونڊيل حڪومت کي ڪمزور نه سمجهيو وڃي، ڪووڊ – 19 بح??ان جي باوجود ملڪ جي واڌ جي شرح 3.94 سيڪڙو آهي، تقريبن 1100 ارب روپيا اربن اڪا??وم?? کان هلندڙ اڪا??وم?? ۾ منتقل ٿي، هن سال چار بمپر فصل ٿيا. اهڙن خيالن جو اظهار هن بي بي سي جي پروگرام ”هارڊ ٽاڪ“ ۾ ڳالهائيندي ڪيو، هڪ سوال تي وفاقي وزير چيو ته چونڊيل حڪومت کي ڪمزور نه سمجهيو وڃي، عم??ان خان گذريل عام چونڊن ۾ لکين ووٽ حاصل ڪيا، هو هڪ ايٽمي ملڪ جو وزيراعظم آهي، وزيراعظم ۽ سندس ڪابينا اجتماعي فيصلا ڪ??دا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪووڊ 19 جي حوالي سان پاڪستان جو رد عمل پوري دنيا ۾ سڀ کان بهتر رهيو آهي، هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر جي ريمارڪس جو حوالو ڏنو ته ”وبا بابت پاڪستان دنيا جي لاءِ مثال قائم ڪيو، پاڪستان دنيا جي ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ وڌيڪ بهتر انداز ۾ ڪم ڪيو“ هن چيو ته اهي لفظ ڪووڊ 19 جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان جي ڪامياب حڪمت عملي جو اظهار ڪن ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ملڪ ۾ 5.5 ملين ماڻهن کي ويڪسين لڳائ?? وئي آهي، ع??ام کي ويڪسين لڳائڻ جي حوالي سان پاڪستان دنيا جي صف اول جي 34 ملڪن ۾ شامل آهي جنهن انداز سان اسان هلي رهيا آهيون، اسان ويڪسينيشن جي هدفن کي جلد حاصل ڪري وٺنداسين، هن وڌيڪ چيو ته ڪووڊ 19 جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي ڪاميابي جزوي لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي آهي جنهن بهتر طريقي سان ڪم ڪيو، پاڪستان ۾ خطي جي ڪنهن حي ملڪ جي مقابلي ۾ صورتحال ڪافي بهتر آهي.
وزيراعظم پاڪستان ۾ مقبول ترين اڳواڻ آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا