اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي ??ي) وزيراعظم غريب، لاچار ۽ پورهيت طبقي کي پناهگاهن ۾ باعزت طريقي سان ڇت ۽ بن??ادي سهولتن جي فراهمي جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته اسلام آباد جي ماڊل پناهگاهن جو دائرو ٻين صوبن ??ائين وڌايو ويندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار پناهگاهن جي پروگرام کي معياري سهولتن سان ليس ڪرڻ ۽ پائيدار بن??ادن تي هلائڻ جي لاءِ کنيل عملي قدمن جي حوالي سان جائزه اجلاس ج?? صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر، وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون عثمان ڊار، پناهگاهه بابت فوڪل پرسن نسيم الرحمان، بيت المال جي ايم ڊي عون عباس بپي ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خاص معاون عثمان ڊار ٽائيگر فورس جي رضاڪارن پاران پناهگاهن جي دورن ۽ صورتحال جي حوالي سان شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو. غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر شرڪت ڪندڙن کي پناهگاهن جي نظم ۽ ضبط کي وڌيڪ منظم ۽ پائيدار بڻائڻ ۽ پناهگاهن جي حوالي سان وزيراعظم جي ويزن کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ تجويز ڪيل تنظيمي ڍانچو پيش ڪيو. وزيراعظم عمران خان بي گهر ماڻهن خاص طور تي پورهيت طبقي کي پناهگاهن ۾ باعزت ۽ معياري سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ تي زور ڏيندي چيو ته پناهگاهن ۾ موجود عملي جي تربيت سان گڏوگڏ پناهگاهن ۾ دستياب سهولتن جو باقاعدگي سان جائزو ورتو وڃي. اجلاس ۾ اسلام آباد ۾ 5 پناهگاهن کي ماڊل پناهگاهون بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. وفاقي گادي واري شهر جي ماڊل پناهگاهن جي طرز تي ٻين صوبن ??ي پناهگاهن جي انتظآمي معاملن ۽ سرنديءَ وارن جي حصيداري سان معياري سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو.
پناهگاهن ۾ باعزت طريقي سان ڇت ۽ بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی