اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ماضي جي حڪومتن پي ٽي وي سميت قومي ادارن کي سياسي ڀرتيون ڪري تباهه ڪيو آهي، ??سان سڀني قومي ادارن کي سڌارن جي ذريعي ترقي ڏيڻ جا خواهشمند آهيون. تحريڪ انصاف پي ٽي وي ۾ هڪ به ڀرتي نه ڪئي، ٽي وي چئنلن جي مالڪن سان طئي ??يل فارمولي تحت انهن جي رهتن جي باقي رقم به ايندڙ هڪ هفتي ۾ ادا ڪئي ??يندي. قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي دوران چوڌري محمد برجيس طاهر جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ميڊيا جي بقايائن جي حوالي سان ٽن قسمن جا بل هئا جنهن ۾ پيپلزپارٽي، مسلم ليگ (ن) ۽ پي ٽي آء?? جي دور جي ٻن سالن جي بلن بابت مالڪن سان ڳالهيون ٿ??ون آهن، اسان آخري ٻن سالن جي بلن جي ادائيگي جو فيصلو ڪيو، ڪل رقم هڪ ارب 15 ڪروڙ روپيا بڻجندي هئي جنهن مان اڌ ادا ڪئي ??ئي ۽ بقايا رقم ايندڙ هڪ هفتي ۾ ادا ڪئي ??يندي، هن چيو ته علائقائي اخبارن کي اشتهارن جي فراهمي جي حوالي سان نئون ميڪنزم ٺاهيو پيو وڃي، ??نهن جا تفصيل سامهون آندا ويندا.
ماضي جي حڪومتن پي ٽي وي سميت قومي ادارن کي سياسي ڀرتيون ڪري تباهه ڪيو آهي: سينيٽر شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ