اسلام آباد – 02 مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آه?? ته اڄ حڪومت ۽ مخالف ڌر ٻئي احتساب چاهين ٿيون، اهو بنا ڪنهن فرق جي هجڻ گهرجي، اسان هڪ طرفي احتساب جي ڪالهه به خلاف هئاسين ۽ اڄ به ان جي خلاف آهيون، احتساب قانون تي مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي، پ?? احتساب جو عمل اڳتي وڌندو رهڻ گهرجي. اڳوڻي اسپيڪر سردار اياز صادق پاران اٿاريل نقطن جي جواب ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته مسلم ليگ (ن) وٽ سنهري موقعا هئا انهن ??ي دور ۾ ڪميٽي جوڙي وئي هئي، اسان ڪوشش ڪئ?? ته اتفاق راءِ سان نيب جي قانونن ۾ ترميم ڪئي وڃي، (ن) ليگ وٽ پنج سال هئا پر انهن اهو موقعو وڃائي ڇڏيو.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی