لاهور – 15 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته گڏيل قومن کي ڪشميرين کي خودمختياري جو حق ڏيارڻ کي يقيني بڻائڻ گ??رج??، جڏهن ته وفاقي ڪابينا وزيراعظم محمد نواز شريف طرفان گڏيل قومن کي ياد ڏياريل ”نامڪمل ايجنڊا“ جو هڪ دفعو ٻيهر ورجاءُ ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته گڏيل قومون پنهنجي قراردادن تي عملدرآمد لاءِ نئين سري سان ڪوششن جو آغاز ڪ??و وڃي، جڏهن ته ڪابينا ڀارتي ظلمن خلاف 19 جولاءِ تي ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪندي سي ايس ايس جي لاءِ عمر جي مٿين حد 28 سال مان وڌائي 30 سال ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وفاقي ڪابينا جو اجلاس جمعي ڏينهن وزيراعظم نواز شريف جي قيادت ۾ گورنر هائوس لاهور ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ والاريل ڪشمير جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. اجلاس کان??وء?? جاري پڌرنامي ۾ چ??و ويو آهي ته پاڪستان ڪشميرين جي خودمختياري واري حق جي جدوجهد جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. وزيراعظم محمد نواز شريف اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته گڏيل قومن کي ڪشمير جي باري ۾ پنهنجي نامڪمل ايجنڊا کي پورو ڪرڻ گ??رج?? ۽ ڪشميرين کي خودمختياري وارو حق ڏيڻ کي يقيني بڻائڻ گ??رج??.
وزيراعظم محمد نواز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن