اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ا??غانستان ۾ امن ۽ استحڪام علائقائي سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ ضروري آهي، افغانستان کي فوري طور تي انساني بنيادن تي امداد جي ضرورت آهي، عالمي برادري کي افغانستان سان رابطن ۾ رهڻ گهرجي، مشڪل حالتن ۾ افغان عوام کي اڪيلو نه ڇڏڻ گهرجي، روس سان توانائي، واپار سميت ٻين شعبن ۾ تعاون جو فروغ چاهيون ٿا. روس جي صدر ولاديمير پيوٽن و??يراعظم عمران خان کي ٽيليفون ڪئي. ٻنهي اڳواڻن افغانستان ۾ تازي اڳڀرائي، گڏيل تعاون ۽ شنگهائي تعاون تنظيم ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي چيو ته ا??غانستان ۾ امن ۽ استحڪام علائقائي سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ اهميت رکي ٿو، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ا??غانستان کي هنگامي بنيادن تي انساني امداد فراهم ڪئي وڃي جڏهن ته معاشي بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پڻ مدد ڪئي وڃي. وزيراعظم عمران خان عالمي برادري تي زور ڏنو ته ا??ا افغانستان سان رابطا برقرار رکي. هن زور ڏنو ته ا??غان عوام کي مشڪ?? جي هن گهڙيءَ ۾ اڪيلو نه ڇڏيو وڃي. هن افغانستان جي تبديل ٿيندڙ صورتحا?? جي اهميت جي ڏس ۾ پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ ويجهن لاڳاپن ۽ مشاورت تي زور ڏنو. گڏيل تعاون جي ڏس ۾ وزيراعظم مختلف شعبن ۾ وڌندڙ تعاون جي ضرورت تي زور ڏيندي پاڪستان پاران مجموعي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم کي ورجايو. هن چيو ته واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي شعبن ۾ روس سان تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ چاهيون ٿا. وزيراعظم ان موقعي تي پاڪستان اسٽريم گيس پائيپ لائين منصوبي کي جلد عملي جامعو پارائڻ جي عزم کي پڻ ورجايو. وزيراعظم روسي صدر پيوٽن کي پاڪستان جي دوري جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو جڏهن ته روسي صدر وزيراعظم عمران خان کي روس جي دوري جي دعوت جي تجديد ڪئي. اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن ۾ هم آهنگي، وڌندڙ اعتماد ۽ تازن اعليٰ سطح جي رابطن سان عبارت ٻطرفي تعاون ۾ اضافي جي ڪري پاڪستان ۽ روس جا لاڳاپا فروغ پذ??ر آهن. ٻنهي اڳواڻن ويجهو رابطو رکڻ تي اتفاق ڪيو.
افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام علائقائي سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ ضروري آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ