هري پور – 27 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان پنج جون تي عالمي ماحوليات جي ڏهاڙي جي ميزباني ڪندو، پاڪستان ان 10 ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي ماحولياتي اثرن جو و??يڪ شڪار آهن، 10 بلين ٽري سونامي، قومي پارڪ جي قيام جي منصوبن سميت ٻيا قدم ان صورتحال کي منهن ڏي?? جي سلسلي جي ڪڙي آهن، نئين نسل کي ماحولياتي تبديلين کان پاڪ پاڪستان ڏينداسين. هو وزيراعظم هري پور ضلعي ۾ 10 بلين سونامي پروگرام جي مناسبت سان ٿيندڙ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان ٻوٽو به لڳايو، موسمياتي تبديلين وارو خصوصي صلاحڪار ملڪ امين اسلم وزيراعظم کي 10 بلين ٽري سونامي پروگرام جي ڪاميابين جي حوالي سان بريف ڪيو، وزيراعظم ان موقعي تي گڏيل قومن جي ماحوليات پروگرام جي ”نيچر ڪيپيٽل ??ف پاڪستان“ رپورٽ تي به بريفنگ ورتي. وزيراعظم خطاب ڪندي چيو ته ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي تقريبن جي ميزباني پاڪستان جو اعزاز آهي. پاڪستان دنيا جي ان??ن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهي جتي ماحولياتي تبديلين ۽ عالمي حدت کي منهن ڏي?? لاءِ سنجيده ڪوششون ڪري رهيو آهي، اهي قدم ڏي??اءُ نه پر ايندڙ نسلن لاءِ بهتر پاڪستان لاءِ آهي، هن چيو ته پاڪستان ان??ن ڏهن ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي ماحولياتي تبديلين جو سڀ کان وڌيڪ شڪار آهن، پاڻي جي دريائن جو دارومدار گليشيئرز تي آهي ۽ عالمي حدت جي سبب سان جنهن تيزي سان اهي پگهرجي رهيا آهن ان سان پاڻي جي صورتحال ۾ تمام گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏي??و پئجي رهيو آهي، اها صورتحال ڀارت سان به آهي، ان جي پاڻي جو دارومدار به گليشيئرز تي آهي، هن چيو ته ان سلسلي ۾ اسان ڪوششون ڪري رهيا آهيون ته جيئن ايندڙ نسلن لاءِ بهتر پاڪستان ڇڏي وڃون.
پاڪستان پنج جون تي عالمي ماحوليات جي ڏهاڙي جي ميزباني ڪندو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش