اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان قوم سان ڪيل پنهنجي احتساب جي واعدي تان ڪڏهن پوئتي نه هٽيو، وزيراعظم عمران خان قانون جي حڪمراني کي قائم ڪيو آهي، علي ظفر جي رپورٽ سان جهانگير ترين جي خلاف تحقيقات تي ڪو فرق نه پوندو، ملاقات جي حوال?? سان بئريسٽر علي ظفر ۽ بئريسٽر شهزاد اڪبر جي ڳالهه کي اعتبار جو??ي سمجهان ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته کنڊ اسڪينڊل جي حوال?? سان جوڙيل ڪمي??ن پنهنجون سفارشون پيش ڪيون ۽ انهن سفارشن جي بنياد تي ايف آءِ اي مختلف شوگر ملز جي خلاف ا??ف آءِ آرز داخل ڪيون ۽ انهن تي ڪارروائي شروع ٿي وئي، جهانگير ترين سياسي طور تي هڪ ڄاتل سڃاتل شخصيت آهي ان لاءِ ميڊيا تي ان جو ذڪر ٿيندو آهي ۽ باقي جن جي خلاف ڪارروايون ٿي رهيون آهن ان جي حوال?? سان اڳڀرائي منظر عام تي نٿي اچي، هن چيو ته بئريسٽر علي ظفر کي رڳو جهانگير ترين گروپ جي طرفان شڪايتن جي حوال?? سان جاچ ڪرڻي هئي، بئريسٽر علي ظفر جي رپورٽ جو ايف آءِ اي جي جاچ يا عدالت ج?? سامهون جهانگير ترين جي ڪيس جي حوال?? سان ڪو ب?? تعلق نه آهي، اهي سڀ شيون پنهنجي پنهنجي جاءِ تي هلي رهيون آهن، بئريسٽر علي ظفر جو ڪم جهانگير ترين گروپ جي شڪايت جي حوال?? سان معاملن کي ڏسڻو آهي، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان بنا فرق احتساب جي حوال?? سان هڪ اعليٰ مثال قائم ڪيو آهي ڪنهن به شخص جو تعلق چاهي حڪومتي پارٽ?? سان هجي يا مخالف ڌر سان هجي، جيڪڏهن ڪنهن جي خلاف ڪو سوال اٿي ٿو ته انڪوائري به ٿيندي ۽ لاڳاپيل ادارا جاچ به ڪندا ۽ سڀني کي قانون کي منهن ڏيڻو پوندو.
وزيراعظم عمران خان قانون جي حڪمراني کي قائم ڪيو آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ