ڪولمبو – 24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??رڪ??ٽ ۽ سياست جي ميدان ۾ شروعات ۾ کيس وڌيڪ ڪاميابيون حاصل نه ٿيون پر هن ??وص??و نه هاريو ۽ جدوجهد جاري رکي، جيڪو چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت نٿو رکي اهو چيمپئين نٿو بڻجي سگهي، راند ا??ان کي اهو ئي سبق ڏئي ٿي ته اسان کي همت ناهي هارڻي ۽ جدوجهد جاري رکڻي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار ه?? سريلنڪن راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري وزير نامل راجا پاڪسي طرفان پنهنجي اعزاز ۾ منعقد تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو جنهن ۾ سريلنڪا جي پارليامينٽ جي اسپيڪر ۽ سريلنڪا جي اسپورٽس ڪميونٽي سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي. وزيراعظم عمران خان چيو ته راندين جو?? سرگرميون اسان کي اهو سيکارينديون آهن جيڪو اسڪولن ۾ نصابي تعليم جي ذريعي نٿو سکي سگهجي. اهي اسان کي مختلف چئلينجن ما?? سرخرو ٿيڻ، مقابلو ڪرڻ ۽ جدوجهد جو سبق ڏينديون آهن. هن چيو ته اهو ضروري ناهي ته سڀ کان قابل رانديگر ئي چئمپين بڻجي پر اصل رانديگر اهو هوندو آهي جيڪو ناڪامين ۽ هار مان سکي اڳتي وڌي ٿو ۽ ??وص??و نٿو هاري، جنهن کي شڪست کي منهن ڏيڻ نٿو اچي اهو چئمپين نٿو بڻجي سگهي، ??وص??و هاريندڙ ڪڏهن به پنهنجي خوابن جي تعبير نٿو ماڻي سگهي، زندگي ۾ جڏهن به شڪست درپيش هجي ته اسان لاءِ ان مان سکڻ جي لاءِ سبق هوندو آهي. هن چيو ته زندگي ۾ لاها چاڙها ۽ سٺو ۽ خراب وقت ايندو رهندو آهي، ڪاميابي اها ناهي هوندي ته توهان سٺو وقت ڪيئن گذاريو ٿا پر ڪاميابي اها هوندي آهي ته توهان بري وقت کي ڪيئن منهن ڏيو ٿا، ناڪامي سان ڪجهه ماڻهو ??وص??و هاري ويندا آهن پر جيڪي ناڪامي مان سبق سکندا آهن ۽ جدوجهد ڪندا آهن اهي ئي اڳتي وڌندا آهن. رانديون اسان کي اهو ئي سبق ڏينديون آهن ته اسان کي همت ناهي هارڻي. هن چيو ته پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ۾ گهڻو سٺو رانديگر نه هئس، جڏهن پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ مون کي ڊراپ ڪيو ويو هو ۽ ٽن سالن تائين آئون ٽيم کان ٻاهر رهيس پر مون ??وص??و نه هاريو ۽ ڪوشش جاري رکي، ڪيترائي ??رڪ??ٽرز آهن جنهن کي هڪ ڀيرو جيڪڏهن ٽيم مان ڊراپ ڪيو ويو ته پوءِ هو ٻيهر ٽيم ۾ جاءِ نه ٺاهي سگهيا پر جيڪڏهن توهان ۾ ٽيلينٽ هجي ته پوءِ پنهنجي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائي واپس اچي سگهو ٿا.
ڪرڪيٽ ۽ سياست ۾ شروعات ۾ وڌيڪ ڪاميابيون حاصل نه ٿيون پر حوصلو نه هاريو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری