پشاور – 22 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قبائلي ضلعن جي ترقي حڪومت جي ترجيح آهي، ترقياتي منصوبن کي جل?? مڪمل ڪيو وڃي. هن اها هدايت اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ خيبرپختونخواهه جي گورنر شاهه فرمان، وڏي و??ير محمود خان، ناڻي و??ري صوبائي و??ير تيمور سليم جهڳڙا، چيف سيڪريٽري، آءِ جي پوليس ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته وڊيو لنڪ ذريعي وفاقي و??يرن ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، اسد عمر، عمر ايوب خان، فيصل واوڊا ۽ خاص معاون تابش گوهر شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي خيبرپختونخواهه صوبي کي وفاق پاران بجلي آمدني جي مد ۾ پن بجلي جي نج منافعي ۽ قبائلي ضلعن جي لاءِ مخصوص ترقياتي پئڪيج تي بريفنگ ڏني و??ي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ترقياتي منصوبن بشمول صحت، تعليم، انفراسٽرڪچر ۽ بين منصوبن تي هيستائين 50 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا آهن. وزيراعظم صوبائي حڪومت کي هدايت ڪئي ته قبائلي ضلعن جي ترقي کي اولين ترجيح ڏني وڃي ۽ ترقياتي منصوبن کي جل?? مڪمل ڪيو وڃي.
قبائلي ضلعن جي ترقي حڪومت جي ترجيح آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر