اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 47 فوتگيون ٿيون جنهن مان 23 وينٽ??لي??رز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري انگن اکرن موجب سڄي ملڪ ۾ 1 هزار 745 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 47 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جن مان 40 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 7 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽ??لي??رز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 49 سيڪڙو، لاهور ۾ 36 سيڪڙو، اسلام آب??د ۾ 38 سيڪڙو ۽ پشاور ۾ 30 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 46 سيڪڙو، ملتان ۾ 39 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 40 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 27 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 35 هزار 839 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 6 هزار 535، پنجاب ۾ 15 هزار 304، خيبرپختونخواهه ۾ 6 هزار 543، اسلام آب??د ۾ 5 هزار 777، بلوچستان ۾ 838، گلگت بلتستان ۾ 443، آزاد ڪشمير ۾ 399 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 4 لک 82 هزار 771 ٿي چڪو آهي.گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪ?? به مريض هن وقت وينٽ??لي??ر تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽ??لي??رز تي ڪوويڊ 19 جا 327 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪ??سز جو انگ 34 هزار 916 آهي.
اين سي او سي پاران ڪورونا وائرس جي وبا جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa