اسلام آباد – 28 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز نيشنل ڊائيلاگ لاءِ پارليامينٽ کي موزون ترين پليٽ فارم قرار ڏيندي چيو آه?? ته پارليامينٽ ۾ موجود مخالف ڌر پارٽين جي ذميوار ۽ سنجيده قيادت سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون، ڳالهين ۾ اتفاق راءِ ٿي ويندو، اليڪٽوريل ريفارمز سميت هر معاملي تي ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي، مولانا فضل الرحمان ۽ مريم نواز ته پ??رليامينٽ جو حصو ئي نه آهن اه?? ته هونئن به ٻاهر سمجهو، شيراني، حافظ حسين احمد ۽ ٻين مولانا فضل الرحمان کي سليڪٽيڊ چيو ۽ ٻيون ڳالهيون به ٻڌايون، اهي پنهنجي پارٽي اندر رهندي تشخص کي اڀاري رهيا آهن. هو وفاقي وزيرن چوڌري فواد حسين ۽ فيصل واوڊا سان گڏ پي آءِ ڊي ۾ پ??يس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد