اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته عالمي برادري ڪشميرين کي انهن جو بنيادي حق ڏيارڻ جي لاءِ پن??نجو ڪردار ادا ڪري، مودي جي فاشسٽ حڪومت ڪشميرين کي انهن جي پيدائشي ۽ گڏيل قومن جي مڃيل ريفرنڊم جي حق کان طاقت جي زور تي محروم ڪري رکيو آهي، ڪشميري ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڀارتي ڏاڍ ۽ سازشن جي خل??ف جدوجهد ڪري رهيا آهن. اي پي پي کي ڏنل پن??نجي انٽرويو ۾ هن ??يو ته ڀارت پاران ڪشمير ۾ غيرانساني سلوڪ ان ڳالهه جو ??هر??ائو آهي ته عالمي برادري هاڻي خرگوش جي خواب مان بيدار ٿئي. هن ??يو ته 5 آگسٽ 2019ع جو ڏينهن ??شمير جي تاريخ ۾ هڪ ٻيو ڪارو ترين ڏينهن آهي جڏهن ??ارت ڪشميرين جي خاص حيثيت جو خاتمو ڪيو. معصوم ڪشميرين جو ??وج?? گهيراءُ، تشدد، بدترين ڪرفيو ۽ ماڻهن جي قتل سان ڪشميرين جون زندگيون بدترين صورتحال ۾ ورتل آهن. هن ??يو ته پاڪستان ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.
عالمي برادري ڪشميرين کي انهن جو بنيادي حق ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري: علي امين گنڊاپور
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز