اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته جيتوڻيڪ مذهبي جنون عالمي دهشتگردي جو وڏو سبب سمجهيو وڃي ٿو جڏهن ته قوم پرستي ۽ ظلم ۽ ستم به ان ??سئ??ي کي وڌيڪ سنگين ڪري ڇڏيو آهي، وچ اوڀر جي ٻرندڙ ميدانن کان ويندي ڪشمير ۾ بنيادي خودمختياري جي حق کان انڪار تائين دنيا انتهاپسندي جي بنيادي سب??ن کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪام رهي آهي، هي هڪ تاريخي موقعو آهي ته 6 قومن جا پارلياماني سربراهه گڏيل امن ۽ خوشحالي سان وابستگي کي ورجائڻ ۽ گڏيل تعاون جا نوان بنياد قائم ڪرڻ جي لا??ِ اسلام آباد ۾ پهريون ڀيرو گڏ ٿيا آهن، هي فيصلي جي گهڙيءَ آهي جڏهن اسان چونڊيل نمائندا، ??حت??ام، اعتماد ۽ دوستي سان رهڻ جي لا??ِ پنهنجي عوام جي خواهشن کي پورو ڪرڻ جي لا??ِ هڪ عظيم قدم کنيو، هي گهڻ رخي اظهار ۾ هڪ نئون موڙ آهي جڏهن پارلياماني سفارتڪاري گڏيل چئلينجن کي گڏجي منهن ڏيڻ جي لا??ِ علائقا??ي اتحاد پاران انتظاميا جي رهنمائي ڪري ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڇهه علائقائي ملڪن پاڪستان، ايران، ترڪيءَ، افغانستان، چين ۽ روس جي اسپيڪرز جي پهرين ڪانفرنس ۾ آجياڻي واري خطاب ۾ ڪيو.
مذهبي جنون عالمي دهشتگردي جو وڏو سبب سمجهيو وڃي ٿو: سردار اياز صادق
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل