استنبول – 13 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي فلسطيني عوام ۽ ان جي جائز جدوجهد جي لاءِ پاڪستان جي حمايت کي ورجائيندي چيو آهي ته فلسطيني عوام جي لاءِ القدس شريف جي گادي واري شهر سان هڪ خودمختيار ??ياست جو قيام واحد روڊ ميپ آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ??يت المقدس شريف بابت اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي غيرمعمولي ??ربراهه اج??اس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم القدس شريف تي او آءِ سي جو غيرمعمولي ??ربراهه اج??اس گهرائڻ تي ترڪ صدر طيب اردوان ۽ ترڪيءَ جا ٿورا مڃيندي چيو ته هي غيرمعمولي وقت آهي. هن چيو ته مسجد الاقصيٰ جي بي حرمتي بابت 1969ع جي رباط سربراهه ڪانفرنس اها اميد پيدا ڪئي هئي ته فلسطيني عوام سان ٿيندڙ ناانصافين ۽ مسلمان دنيا کي درپيش سمورن مسئلن جي حوالي ??ان مسلمان امت پنهنجي صفن ۾ اتحاد پيدا ڪندي متحد ٿي جواب ڏيندي.
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر