ڪراچي – 15 مارچ (اي پي پي) صدر ممن??ن حسين اربع ڏينهن اسٽيٽ گيس?? هائوس ڪراچي جي ديوار تي گهر شماري نمبر (1) لکي ڇهين قومي گهر ۽ آدمشماري جو باضابطه افتتاح ڪري ڇڏيو. گهر شماري جي افتتاح کان اڳ ڪمشنر آدمشماري ۽ شماريات واري وفاقي سيڪريٽري صدر ممن??ن حسين کي آدمشماري جي حوالي سان ڪيل انتظامن جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني. صدر آدمشماري جي باري ۾ انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته قومي ترقي لاءِ درست انگ اکر هجڻ ضرور?? آهن. هن چيو ته آدمشماري ملڪ جي ترقي لاءِ وڏي اهميت وار?? آهي جنهن سان مستقبل جي منصوبابندي ۾ مدد ملي ٿي. صدر ممن??ن حسين آدمشماري جي حوالي سان کنيل قدمن ۽ لاڳاپيل عملي جي تربيت کي ساراهيو. صدر ان اميد جو اظهار ڪيو ته پوري ملڪ ۾ جاري ان اهم آدمشماري ۾ مختلف حڪومتي ادارن سان لاڳاپيل عملو پنهنجون ذميداريون سٺي طريقي سان نڀائيندو.
آدمشماري ملڪ جي ترقي لاءِ اهم آهي،قومي ترقي لاءِ درست انگ اکر هجڻ ضروري آهن: صدر ممنون حسين
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ