اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا وزيراعظم جي پائيدار هدفن جي پروگرام ۽ بين العلائقائي رابطن جي لاءِ موٽروهيڪل اينڊ ر??لويز جي سارڪ معاهدي سميت ڪيترن ئي ايجنڊا ائٽمز جي من??وري ڏئي ڇڏي آهي جڏهن ته 5 رپين جي سڪي جي تبديلي ۽ 10 رپين جو سڪو متعارف ڪرائڻ جي من??وري کانسواءِ گردي، جگر، بون ميرو ٽ??ان??پلانٽ ۽ ڪينسر سميت موذي مرضن ۾ ورتل غريب ۽ مستحڪم شهرين جي علاج بابت پڻ فيصلو ڪيو ويو، نان فائيلرز جي لاءِ ودهولڊنگ ٽيڪس جي گهٽ شرح جي تاريخ ۾ 31 ڊسمبر 2016ع تائين توسيع پڻ ڪئي وئي آهي. ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم محمد نواز شريف جي صدارت ۾ وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. ڪابينا ٻٽي ٽيڪس کان پاسو ڪرڻ ۽ آمدني تي ٽيڪسن جي حوالي سان مالياتي چوري جي روڪٿام لاءِ پاڪستان ۽ چن جي وچ ۾ معاهدي تي صح??حن جي لاءِ ٽئين پروٽوڪول ۽ شروعاتي مسودي تي صح??حن جي پڻ من??وري ڏني. آمدني تي ٽيڪسن جي حوالي سان ٻٽي ٽيڪس کان پاسو ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ سوئيٽزرلينڊ جي وچ ۾ ڪنوينشن تي نظرثاني ۽ شروعاتي مسودي تي صح??حن جي پڻ من??وري ڏني وئي.
وفاقي ڪابينا پاران وزيراعظم جي هدف پروگرام سميت ايجنڊا ائٽمز جي منظوري
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج