سيئول- 05 نومبر (اي پي پي) اتر ڪوريا گھٽ مفاصلي تائين مار ڪندڙ ڪيترن ئي بيليسٽڪ مي??ائلن جو تجربو ڪيو آھي. پرڏيھي خابرو اداري مطابق ڏکڻ ڪوريا جي جوائنٽ چيفس آف اسٽاف چيو آھي ته هنن ٻيٽ نما ڪوريا ج?? اوڀر ۾ ڪالھه صبح جو اٽڪل 7:30 وڳي ڪيترا ئي گھٽ مفاصلي تائين مار ڪندڙ بيليسٽڪ مي??ائلن جي لانچ ڪرڻ جو پتو لڳايو آھي. ڪالھه صبح جو مي??ائلن اٽڪل 400 ڪلو ميٽر (248 ميل) تائين اڏام ڀري. ڏکڻ ڪوريا جي فوج چي?? ته اسان جاپان ۽ آمريڪا سان معلومات جي مٽا سٽا ڪئي آھي. فوج وڌيڪ ٻڌاي?? ته اسان جي فوج اضافي لانچز جي تياري جي سلسلي ۾ پنھنجي نگراني کي مضبوط ڪيو آھي. جاپان پڻ اتر ڪوريا جي تازن مي??ائلن جي تجربن جي تص??يق ڪئي آهي. جاپان جي حڪومت جي اعليٰ ترجمان چيو آھي ته اتر ڪوريا طرفان بيليسٽڪ مي??ائل بار بار فائر ڪرڻ سبب اسان جي ملڪ جو امن ۽ سلامتي خطري جو شڪار آھي. واضح رھي ته اتر ڪوريا گذريل ھفتي جديد ۽ طاقتور مضبوط ٻارڻ وارو بين البراعظمي بيليسٽڪ مي??ائل جو تجربو ڪيو.
اتر ڪوريا پاران گھٽ مفاصلي تائين مار ڪندڙ بيليسٽڪ ميزائلن جو تجربو
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش