واشنگٽن – 15 آگسٽ (اي پي پي) سعودي عرب جي آئل ڪمپني (آرامڪو) جو صدر ۽ سي اي او امين ناصر هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪي رسالي فوربس جي ٽاپ 100 سي اي اوز جي درجه بندي ۾ پهرين نمبر تي آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق آمريڪي رسالي فوربس جي جاري ڪيل 2024ع جي فهرست هڪ متحرڪ لينڊ اسڪيپ جي عڪاسي ڪري ٿي جنهن ۾ 19 مختلف ملڪن جا ماڻهو شامل آهن. ان فهرست ۾ گڏيل عرب امارت 27 سي اي اوز سان پهرين نمبر تي آهي، فهرست ۾ مصر جا 21 ۽ سعودي عرب جا 14 ??هر?? شامل آهن. انهن ٽنهي ملڪن جو فهرست ۾ حصو 62 سيڪڙو آهي. وچ اوڀر بابت فوربس جي جاري ڪيل فهرست ۾ سعودي آرامڪو جو صدر ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر امين حسن الناصر پهرين نمبر تي آهي، ان کانپوءِ ابوظهبي نيشنل آئل ڪمپني (ادنوڪ) سلطان الجابر ٻئين ۽ ايمريٽس ايئرلائين اينڊ گر??پ جو احمد بن سعيد آل مڪتوم ٽئين نمبر تي آهي. فهرست ۾ قطر انرجي جو سعد بن ش??يد?? العبي چوٿين نمبر تي آهي. انٽرنيشنل هولڊنگ ڪمپني جي سيد بصر شعيب هلندڙ سال 4 درجا ترقي ڪئي آهي هو گذريل سال نائين پوزيشن تي هو ۽ هلندڙ سال پنجين نمبر تي اچي ويو آهي. ڪويت پيٽروليم ڪارپوريشن جو نواف ، دبئي پورٽس ورلڊ گر??پ جو سلطان احمد بن سليم ستين، نيشنل بينڪ آف ڪويت جو عصام جاسم الصقر اٺين، اي اينڊ گر??پ مصر جو حاتم ديودار نائين جڏهن ته ڪيو اين بي گر??پ جو عبدالله آل خليفه ڏهين نمبر تي آهي.
سعودي عرب جي آرامڪو ڪمپني جو سربراهه آمريڪي ميگزين جي فهرست ۾ ٽاپ 100 سي اي اوز ۾ پهرين نمبر تي اچي ويو
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت