جنيوا-31 جولاءِ (اي پي پي) صحت جي عالمي اداري سعودي عرب جي شهر الخبر کي صحتمند شهر طور تسليم ڪري ورتو آهي. العربيه مطابق سياحت، تفريح ۽ صحت جي عالمي معيار تي پورو لهڻ کانپوءِ سعودي عرب جي شهر الخبر کي صحت جي عالمي اداري ان کي صحتمند شهر جو درجو ڏنو آهي. اوڀر خطي جي سيڪريٽري انجنيئر فهد الجبير، الخبر گورنري کي صحت جي عالمي اداري طرفان ??نظوري حاص?? ڪرڻ جي اهميت تي ڌيان ڏياريو. هن خطي ۾ معياري صحت ۽ ماحولياتي سهولتن جي فراهمي طرف ڌيان ڇڪائيندي چيو ته الخبر کي هڪ صحتمند شهر قرار ڏيڻ جو مطلب اهو آهي ته الخبر جي صحت جي اهم حيثيت کي عالمي سطح تي تسليم ڪيو ويو آهي. هن نشاندهي ڪئي ته ان ايڪريڊيشن سان الخبر جي اقتصادي سماجي، سياحتي ۽ صحت جي حيثيت ۾ اضاف?? ٿيندو سڃاڻپ دوران صحت جي عالمي اداري جي وفد جي هاڪاري تاثر طرف اشارو ڪندي هن چيو ته شهر ۾ صحتمند ماحول جا ڪيترائي ماڊلز ۽ مثال ڏسڻ لاءِ ملن ٿا جن جي پيروي ڪري سگهجي ٿي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته الخبر گورنري ۾ سمورن رهائشي پاڙن ۾ 100 کان به وڌيڪ پارڪس ۽ باغ 2،250،000 چورس ميٽرن کان ??ڌيڪ ايراضي تي سرسبز جايُون آهن، 47 کان به وڌيڪ راندين جا ميدان، 20 واڪ جا رستا شامل آهن. 52 ڪلوميٽر کان به وڌيڪ ايراضي تي 150،000 کان ??ڌيڪ وڻ لڳل آهن. الخبر جي ميونسپلٽي 15 ڪلوميٽر جي ڊيگهه سميت سائيڪلون هلائڻ لاءِ مخصوص رستا قائم ڪرڻ لاءِ به ڪم ڪري رهي آهي. زندگي جي معيار کي بهتر بنائڻ ۽ الخبر کي صحتمند شهر بنائڻ لاءِ منصوبن ۽ معيار کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن.
صحت جي عالمي اداري پاران سعودي عرب جي الخبر کي صحتمند شهر طور تسليم
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن