برسلز -17 اپريل (اي پي پي )يورپي يونين ج?? پرڏيهي معاملن ۽ سلامتي پاليسي جي اعليٰ نمائندي جوزف بوريل چيو آهي ته ايران – اسرائيل ڇڪتاڻ سبب وچ اوڀر ۾ علاقائي تڪرار سان ڪنهن کي به فائدو نه ٿيندو. اي ايف پي موجب هن غزه جي صورتحال ۽ ايران اسرائيل ڇڪتاڻ جو جائزو ورتو. جوزف بوريل چيو ته 13 اپريل تي اسرائيل تي ايران ج?? هوائي حملي ۽ خطي ۾ وڌندڙ صورتحال کي روڪڻ لاءِ يورپي يونين ج?? سامهون هڪ سياسي هدف وجود آهي. ايران اسرائيل سان ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جي اپيل جي وضاحت ڪندڙ جوزف بوريل چيو ته اسان اسرائيل کي چيو آهي ته علاقائي ??ڪتاڻ نه ٿيڻ ۾ هر ڪنهن ج?? فائدو آهي اهڙي طرح اسان اها ڳالهه دمشق قونصليٽ جي حملي کانپوءِ ايراني اڳواڻن سان به ڪئي هئي علاقائي جه??پو?? ڪنهن به ڌر لاءِ فائيديمند ناهن .
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج