اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان، ايران، چين، ترڪيءَ، روس ۽ افغانستان اهڙا پاڙيسري، دوست ۽ ڀائر ملڪ آهن جن جي جاگرافيائي، گڏيل قدر ۽ خيال ۽ هڪ جهڙيون حالتون پنهنجي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي ج?? لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جا وسيع موقعا فراهم ڪن ٿيون، اسان جي جاگرافيائي ويجهڙائپ تاريخ جي ڌارا بدلائڻ جي صلاحيت رکي ٿي، دهشتگردي هڪ اهڙو مسئلو آهي ج??هن خطي ج?? ڪيترن ئي ملڪن ۾ مسئلا پيدا ڪيان، پاڪستان ان کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪ آهي، دهشتگردي ج?? لعنت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان جي هٿياربند فوج خصوصي تجربو ۽ مهارت رکي ٿي ج??هن مان اسان جا پاڙيس??ي ملڪ به فائدو کڻي سگهن ٿا، ان سلسلي ۾ اسان پنهنجي سمورن دوستن کي مخلصاڻي تعاون جي آڇ ڪ??يو?? ٿا. 6 ملڪن جي پهرين اسپي??رز ڪانفرنس کي خصوصي مهمان طور خطاب ڪندي صدر چيو ته خطي ج?? اهم ترين دوست ۽ ڀائر ملڪن جي اسپي??رز جي ميزباني منهنجي لاءِ خوشي ج?? ڳالهه آهي. آئون اسلام آباد جي خوبصورت فضائن ۾ دل جي گهرائي سان توهان ??ڀن?? جي آجيان ڪريان ٿو.
پاڪستان، ايران، چين، ترڪيءَ، روس ۽ افغانستان پاڙيسري، دوست ۽ ڀائر ملڪ: صدر
مضمون کا ماخذ : کڑک