اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف صحت جي نگهداشت جي شعبي کي حڪومت جي اولين ترجيحن جو حصو قرار ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ انتهائي غريب مريضن جي بهتري لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هو ڪنگ حمد يونيورسٽي آف نرسنگ اينڊ ايسوسيئيٽيڊ ميڊيڪل سائنسز جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. شاهه بحرين جي ڀاءُ ۽ بحرين جي ڪمان??ر آف نيشنل گارڊ لي??ٽي??نٽ جنرل شيخ حمد بن عيسيٰ بن سلمان پڻ تقريب ۾ موجود هئا. ڪنگ حمد يونيورسٽي آف نرسنگ اينڊ ايسوسيئيٽيڊ ميڊيڪل سائنسز بحرين پاران اهو تحفو آهي ۽ ان جو الحاق رائل ڪاليج آف سرجنز آئرلينڊ سان هوندو. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ تربيت يافته نرسنگ اينڊ ٽريننگ ا??ٽاف جي کوٽ کي نظر ۾ رکندي بحرين جو اهو منصوبو صحت جي نگهداشت جي شعبي جي ان ضرورت کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو.
مضمون کا ماخذ : سلاٹ فادر