نيويارڪ-05 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊون??ڊ ٽرمپ ڊجيٽل ڪرنسي جي استعمال جي حامي پال ايٽڪنز کي سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن (ايس اي سي) جو سربراهه نامزد ڪري ڇڏيو آهي. ڪرپٽو ڪرنسي انڊسٽري طرفان پال ايٽڪنز جي نامزدگي کي سٺو قدم قرار ڏنو آهي. ڊون??ڊ ٽرمپ پنهنجي چونڊ مهم دوران آمريڪا جي سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن جي موجوده سربراهه گيري گينسلر کي عهدي تان هٽائڻ جو واعدو ڪيو هو ڇاڪاڻ ته هن ??نهنجي دور ۾ آمريڪا ۾ ڊجيٽل ڪرنسي استعمال ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو هو. ڊون??ڊ ٽرمپ پاران ان موقعي تي ??اري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته پال ايٽڪنز 2017ع کان ڊجيٽل چيمبر آف ڪامرس جو شريڪ چيئرمين رهيو، اهو تسليم ڪري ٿو ته ڊجيٽل اثاثا آمريڪا کي عظيم ملڪ بڻائڻ لاءِ تمام گهڻا اهم آهن. هڪ ٻي بيان ۾ ڊون??ڊ ٽرمپ اڳوڻي سينيٽر ڪيلي لوفر کي سمال بزنس ايدمنسٽريشن جو سربراهه نامزد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. واضح رهي ته ڊون??ڊ ٽرمپ جي چونڊ دوران ڪرپٽو ڪرنسي جي حامين طرفان ٽرمپ کي وڏي انگ ۾ عطيا فراهم ڪيا هئا. ڊون??ڊ ٽرمپ جي ان قدم کانپوءِ ڊجيٽل ڪرنسي ٻٽ ڪوائن جو ايشيائي ٽريڊ مارڪيٽ ۾ اگهه وڌي هڪ لک 2 هزار 700 ڊالر جي رڪارڊ سطح تي پهچي ويو آهي، واضح رهي ته ڊون??ڊ ٽرمپ جي 5 نومبر تي ??دارتي چونڊن ۾ ڪاميابي کانپوءِ بٽ ڪوائن جي قيمت ۾ 50 سيڪڙو اضافو ٿي چڪو آهي. جڏهن ته ٻئي طرف ڊون??ڊ ٽرمپ پنهنجي ئي نامزد ڪيل دفاع واري وزير پيٽ هيگسيٺ جي جڳهه تي فلوريڊا جي گورنر ران ڊي سينٽيس کي پينٽاگون جي قيادت لاءِ نامزد ڪرڻ تي ??ور شروع ڪري ڇڏيو آهي، اها ڳالهه آمريڪا جي مشهور اخبار” وال اسٽريٽ جنرل “ پنهنجي رپ??رٽ ۾ چئي آهي. جڏهن ته وال اسٽريٽ جنرل جو اهو به چوڻ آهي ته اهو به ٿي سگهي ٿو ته ڊون??ڊ ٽرمپ پيٽ هيگسيٺ جي جاءِ تي ڊي سينٽيس کي دفاع واري وزارت لاءِ نامزد ڪرڻ بجاءِ ڪنهن ??ئي کي نامزد ڪري ڇڏي.
ڊونلڊ ٽرمپ پاران پال ايٽڪنز سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن جو سربراهه نامزد، دفاع واري نامزد وزير پيٽ هيگسيٺ جي تبديلي تي غور
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری