بيجنگ- 09 جولاءِ (اي پي پي) چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) تحت هڪ بيلٽ هڪ روڊ انيشيٽو (بي آر آءِ) جي هڪ اه?? منصوبي تحت منصوبا پوري پاڪستان ۾ وڌي ويجهي رهيا آهن ۽ گذريل 10 سالن دور??ن چين کان 25.4 ارب ڊالرن جي سڌي ريت سيڙپڪاري کي راغب ڪيو آهي. چيني پرڏيهي و??ارت جي عملدارن موجب سي پيڪ جي سال جي ترقي کانپوءِ هڪ 4+1 تعاون جو خاڪو جوڙيو ويو آهي، جنهن جي مرڪز ۾ سي پيڪ ۽ گوادر پورٽ، ٽرانسپورٽ جو بينادي ڍانچو، توانائي ۽ صنعتي تعاون جا چار اه?? شعبا شامل آهن. هن وڌيڪ چيو ته سي پيڪ فريم ورڪ تحت منصوبن سان 192000 نوڪريون پيدا ٿيون، 6000 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي و??ي، 510 ڪلوميٽر هاءِ ويز جي تعمير ۽ 886 ڪلوميٽر جو نيشنل ٽرانسميشن نيٽ ورڪ ۾ شامل ڪيو، هن چين پاڪستان اقتصادي راهداري جي نئين دور ۾ چين پاڪستان تعاون جو هڪ اه?? منصوبو قرار ڏيندي چيو آهي ته هي بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو تحت هڪ اه?? منصوبو آهي. هن چيو ته سي پيڪ پاڪستان جي قومي ترقي ۽ خطي ۾ رابطن ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. چين ?? پاڪستان سي پيڪ فريم ورڪ تحت تعاون لاءِ نون شعبن جي پڻ ڳولا ڪئي آهي، جنهن سان زراعت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ٽيلي ڪميونيڪيشن ۽ عوام جي ڀلائي ۽ ترقي جي شعبن ۾ تعاون وغيره شامل آهن. هن چيو ته چين ماضي جي ڪاميابين کي اڳتي وڌائڻ ۽ چين پاڪستان ۽ خطي جي ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ سي پيڪ جي اعليٰ معيار جي ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن وچ ۾ اه?? گڏيل مفاهمت جي رهنمائي تي عمل ڪرڻ لاءِ پاڪستان سان ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي ته جيئن سمورن ملڪن جي ماڻهن لاءِ وڌ کان وڌ فائدو حاصل ٿي سگهي، هڪ بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سي پيڪ پاڪستان جي معاشي منظرنامي کي تبديل ڪرڻ ۾ اه?? ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، شهباز شريف معاهدي تي صحيح جي هڪ ڏهاڪي جي موقعي تي رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سي پيڪ تحت ڪيترن ئي ارب ڊالرن جي ترقياتي منصوبن سان پاڪستان کي سماجي ۽ اقتصادي فائدا حاصل ٿيا آهن ۽ ان سان ملڪ کي خطي ۽ ان کان ٻاهر ترقي ڪرڻ ۾ مدد ملي آهي، 2013ع ۾ شروع ڪيل سي پيڪ هڪ راهداري آهي جيڪا ڏکڻ اولهه پاڪستان ۾ گوادر بندرگاهه کي اتر اولهه چين جي سنڪيانگ ايغور خودمختيار علائقي ۾ ڪاشغر سان جوڙي ٿي، جيڪا توانائي، چرپر ۽ صنعتي تعاون کي نمايان ڪري ٿي، وزيراعظم چيو ته گذريل 10 سالن ۾ سي پيڪ چين جي قيادت جي مڪمل حمايت سان پاڪستان جي اقتصادي تاريخ ۾ اهڙي رفتار حاصل ڪئي جيڪا ڪڏهن به نه ٻڌي هئي. هن چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ سي پيڪ منصوبن تي ڪم جي رفتار کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ زراعت، خصوصي اقتصادي زونز، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ معدني و??يلن جي ڳولا سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌايو پيو وڃي.
سي پيڪ منصوبن ۾ گذريل 10 سالن ۾ 25.4 ارب ڊالرن جي سڌي ريت سيڙپڪاري ٿي: چيني پرڏيهي وزارت
مضمون کا ماخذ : پاور بال لاٹری