اسلام آباد- 07 جنوري (اي پي پي) واپار وارو وفاقي ??زير ڄام ڪمال خان 03 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ڏکڻ ڪوريا پهچي ويو. واپار واري وزارت پاران جاري ڪيل پڌرائي مطابق واپار واري وفاقي ??زير ڄام ڪمال خان جي ڏکڻ ڪوريا پهچڻ تي پاڪستاني سفارتخاني، ٽي آءِ او ۽ پاڪستاني بزنس ايسو سي ايشن ڪوريا ۽ ٻين اختيارين سندس است??با?? ڪيو. وفاقي ??زير پنهنجي ان دوري دوران پاڪستان ۽ ڪوريا وچ ۾ اقتصادي شراڪتداري معاهدي تي معاهدا پڻ ٿيندا جنهن سان ٻه طرفو واپاري ڳاڻيٽو ٻيڻو ٿيڻ جي اميد آهي. واپار وارو وفاقي ??زير دوري دوران ڪوريا جي واپار واري وزير ۽ اتان جي اهم سيڙپڪارن سان پڻ ملاقاتون ڪندو ۽ ڪوريا جي صنعتي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت پڻ ڏيندو. ڪوريا جي بينڪ ڪي- ايگزم سان مالي سهڪار تي پڻ ڳالهيون ڪيون وينديون. وفاقي ??زير ان موقعي تي ڪوريا ۾ ترسيل پاڪستاني واپارين، ملازمن، پورهيتن ۽ ٻي برادري سان به ملاقاتون ڪندو.
واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان 03 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ڏکڻ ڪوريا پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن