اسلام آباد- 11 جنوري (اي پي پي) نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ڪالهه اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحه ملاقات ڪ??ي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جي بيان مو??ب نائب وز??راعظم او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جي پاڪستان ۾ آجيان ڪندي مسلم ڪميونٽيز ۾ نياڻين جي تعليم، چئلينجز ۽ موقعن جي مو??وع تي عالمي ڪانفرنس ۾ او آءِ ??ي طرفان اعليٰ سطح جي شرڪت کي ساراهيو. ان موقعي تي غزه ۽ وچ اوڀر جي صورتحال، ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير، افغانستان، اسلامو فوبيا، سڄي دنيا ۾ مسلمانن خلاف اڻبرابري واري سلوڪ، تشدد ۽ ا?? سلسلي ۾ او آءِ سي جي ڪردار تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. محمد اسحاق ڊار او آءِ سي جي اصولي موقف ۽ ڪشميرين جي خودمختياري واري حق جي منصفاڻي جدوجهد جي پختي حمايت کي به ساراهيو ۽ اسلامو فوبيا تي او آءِ سي جي خاص نمائندي جي مقرري جي به واکاڻ ڪئي.
سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحه جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا