اسلام آباد – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف ٻن ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب رو??نو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شه??از شريف صاف پاڻي ۽ پاڻي ذخيرن جي تحفظ جي ح??ال?? سان رياض ۾ منعقد ون واٽر سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. سعودي عرب، فر??نس?? قازقستان ۽ عالمي بئنڪ جي حصيداري سان منعقد ون واٽر سربراهي اجلاس جو مقصد عالمي سطح تي عالمي تعاون ۽ اعليٰ سطحي سياسي عزم جي ذريعي پاڻي ذخيرن جي بهتر انتظام ۽ تحفظ کي حاصل ڪرڻ يقيني بڻائڻو آهي. وزيراعظم سربراهي اجلاس دوران صاف پاڻي جي ذخيرن جي بحالي، تحفظ ۽ ان ح??ال?? سان جدت جي موضوع تي خطاب ڪندو. وزيراعظم پاڻي ذخيرن جي تحفظ، ماحولياتي تبديلي کان بچاءُ جي تياري، پيئڻ جي پاڻي جي معيار جي بهتري، رو??گار جي فراهمي ۽ آبي حيات جي تحفظ جي لاءِ کنيل قدمن تي رو??ني وجهندو. وزيراعظم ماحولياتي تبديلي جي ڪري آيل ٻوڏن، موسمن ۾ بي وقت تبديلي ۽ وڌندڙ گرمي پد جي پاڻي ذخيرن ۽ آبي حيات تي اثرن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ عالمي تعاون جي اهميت تي رو??ني پڻ وجهندو. وزيراعظم عالمي برادري کي پاڻي وسيلن جي پائيدار ۽ بهتر انتظام جي لاءِ قدمن جي دعوت ڏيندو. ان موقعي تي وزيراعظم جون سربراهه اجلاس ۾ شريڪ عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ متوقع آهن. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن.
وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻن ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب روانو
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری