اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) بيلاروس جو صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو ٽن ڏينهن جي ??وري تي پاڪستان پهچي ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف پي اي ايف نور خان ايئربيس تي بيلاروس جي ??در جو استقبال ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ سينيئر سرڪاري عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف بيلاروس جي ??در جو ڪابينا ميمبرن سان تعارف ڪرايو جڏهن ته روايتي لباس پهريل ٻار?? کيس گلدستو پيش ڪيو. بيلاروس جو صدر وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ??عوت ت?? 25 ??ان 27 نومبر 2024ع تائين پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. بيلاروس جي ??در جي پاڪستان جي ??وري دوران صدر لوڪاشينڪو ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي وچ ۾ ملاقات ٿيندي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وفدن جي ??طح تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ان دوران بيلاروس ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ٿينديون. بيلاروس جي پرڏيهي وزير جي قيادت ۾ 68 رڪني اعليٰ سطحي وفد گذريل ڏينهن پهتو هو. وفد ۾ بيلاروس جي ڪابينا جي ??هم وزيرن سميت ناليواريون ڪاروباري شخصيتون ۽ سيڙپڪار شامل آهن. بيلاروس جي ??در جو پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط ۽ وڌندڙ حصيداري جي ??ڪاسي ڪري ٿو.
بيلاروس جو صدر ٽن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان پهچي ويو، وزيراعظم محمد شهباز شريف استقبال سندس استقبال ڪيو
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد