اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف سان وانگ فوڪانگ جي سربراهي ۾ چين جي 12 رڪني اعليٰ سطحي ??فد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزير??عظ?? ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزيرن سيد محسن نقوي، احسن اقبال، محمد اورنگزيب، احد خان چيما، خاص معاون طارق فاطمي، وزير??عظ?? جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل سان گڏوگڏ چيني سفير جيانگ زائيڊونگ ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب چيني ??فد وزير??عظ?? جي چين جي دوري کانپوءِ چين جي پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون ۽ حصيداري جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آهي. 12 رڪني چيني ??فد ۾ 10 مختلف وزارتن جا نمائندا شريڪ آهن. وزير??عظ?? چيني قيادت، صدر شي جن پنگ ۽ وزير??عظ?? لي چيانگ جا خصوصي ٿورا مڃيندي چيني ??فد جي آجيان ڪئي. چيني ماهرن جو اعليٰ سطحي ??فد پاڪستان ۾ چيني سيڙپڪاري، سي پيڪ جي ٻئي مرحلي جي حوالي سان حصيداري ۽ تعاون ۽ پاڪستان جي روانگي واپار جي فروغ تي پنهنجي راءِ پيش ڪندو. چيني ??فد پاڪستان ۾ مختلف وزارتن، شعبي جي ماهرن سان ملاقاتون ۽ مختلف جاين جو دورو ڪندو. چيني ??فد انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت، صنعت، سيڙپڪاري، توانائي، معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي، خصوصي اقتصادي زونز ۽ مواصلات جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ تي تجويزون ڏيندو. وزير??عظ?? پنهنجي شروعاتي ڳالهه ٻولهه ۾ ??فد کي پاڪستان جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي صلاحيت جي حوالي سان آگاهه ڪيو. چيني ??فد جي سربراهه چيو ته گڏيل فني تعاون سان پاڪ – چين اسٽريٽجڪ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا، مثالي مهمان نوازي تي پاڪستان جا ٿورائتا آهيون.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان وانگ فوڪانگ جي سربراهي ۾ چين جي 12 رڪني اعليٰ سطحي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی