اسلام آباد – 03 – جولائي (اي پي پي) صدر آصف علي زر??اري عورتن جي معاشي خودمختياري جي لاءِ مالي خدمتن ۽ قرضن تائين پهچ بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ??يو آهي ته ڪاروباري عورتن جي حوصلا افزائي ۽ بئنڪنگ شعبي ۾ عورتن جي نمائندگي وڌائڻ جي ضرورت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار اسٽينڊرڊ چارٽرڊ بئنڪ جي گروپ چيف ايگزيڪيوٽو بل ونٽرز جي قيادت ۾ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن ??يو ته عورتن جي معاشي خودمختياري سان خاندانن جي خوشحالي ۽ ملڪي ترقي ۾ مدد ملندي. صدر ??يو ته پاڪستان ماحوليات جي تحفظ ?? ٻيلن جي فروغ جي لاءِ قدم کنيا آهن، سنڌ حڪومت مينگروز ٻيلا هنيا ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ ڪاربن ڪريڊٽس جي واپار سان پرڏيهي ناڻو حاصل ڪيو. صدر آصف علي زر??اري ??يو ته موسمياتي شعبي ۾ سيڙپڪاري سان ماحوليات جي تحفظ ۾ مدد ملندي. هن زر??ي شعبي ۽ بنيادي ڍانچي جي منصوبن خاص طور تي ننڍي ڊيمن، بيراجن ۽ پاور پلانٽس ۾ سيڙپڪاري تي زور ڏنو ۽ ??يو ت?? بئنڪ آبادگارن جي زر??ي ضرورتن تائين پهچ وڌائڻ جي لاءِ مالياتي خدمتون، قرض فراهم ڪري. وفد صدر کي پاڪستان جي معيشت، بئنڪنگ انڊسٽري جي ترقي ۽ ارتقائي، ملڪي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ بئنڪن جي ڪردار بابت آگاهه ڪيو. صدر بئنڪ کي ننڍي کنڊ ۾ ڪامياب آپريشن?? جا 160 سال مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني. صدر ??يو ت?? بئنڪ ملڪ جي بئنڪنگ سيڪٽر جي ارتقاءَ ۾ ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ت?? بئنڪ ملڪ ۾ پنهنجي آپريشنز کي سگهه ڏيندي ۽ پاڪستاني معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي رهندي.
ڪاروباري عورتن جي حوصلا افزائي ۽ بئنڪنگ شعبي ۾ عورتن جي نمائندگي وڌائڻ جي ضرورت آهي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا