اسلام آباد– 28 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ واپاري ۽ اقصادي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت ??ي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪ – برطانيا لاڳاپن کي اعليٰ سطحي رابطن ۽ عوامي لاڳاپن سان سگهه ملي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مو??ب صدر اهڙن خيالن جو اظهار برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ۽ برطانوي هاءِ ڪمشنر ملاقات دوران ٻطرفي اهميت جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا آهن جن کي ٻنهي ملڪن جي اعليٰ سطحي رابطن ۽ عوامي لاڳاپن سان سگهه ملي آهي. صدر آصف علي زرداري ملڪ جي معاشي صورتحال تي ڳالهائيندي چيو ته معيشت جو استحڪام اولين ترجيح آهي، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ?? غربت جي خاتمي تي ڌيان ڏنو ويندو. هن چيو ته مو??مياتي تبديلي پاڪستان جي لاءِ هڪ سنگين چئلينج آهي ڇو ته پاڪستان مو??مياتي تبديلي جي سڀ کان وڌيڪ خطري ۾ ورتل ملڪن ۾ شامل آهي. هن هاءِ ڪمشنر کي ٻڌايو ته سنڌ ۾ 600000 هيڪٽر ايراضي تي ٻڌل تَ??ر جا ٻيلا آهن جيڪي سامونڊي ماحولياتي نظام کي سهارو ڏيڻ کانسواءِ ماحولياتي استحڪام ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ٿا. صدر چيو ته پاڪستان ۾ شمسي ۽ هوائي توانائي جي وڏي صلاحيت مو??ود آهي، شمسي ۽ هوائي ذخيرن سان ملڪي توانائين جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ?? مدد ملي سگهي ٿي. صدر ملاقات ۾ برطانيا جي بادشاهه چارلس ٽئين ۽ پرنسز آف ويلز ڪيٿرين مڊلٽن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. جين ميريٽ صدر آصف علي زرداري کي صدارت ??و عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد پڻ ڏني.
پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ واپاري ۽ اقصادي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : loteria do Paraná