اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ڊگهي مدي واري لاڳاپن کي ??اپار، معيشت، زراعت، عوام سان عوام جي رابطن ۽ ثقافت جي شعبن ۾ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ??يو آهي ته پاڪستان سمورن سي پيڪ منصوبن جي وقت سر تڪميل جي لاءِ پرعزم آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان جي دوري تي ايل چائنا انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ ڪوآپريشن ايجنسي جي چيئرمين لوئو چائو هوئي سان ڳالهائيندي ڪيو جن??ن پنهنجي وفد سان گڏ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. اجلاس ۾ پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زيڊونگ، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن ڊاڪٽر جهانزيب خان ۽ چيني ۽ پاڪستاني حڪومتن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. هن ??يو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ٻطرفا لڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان سي پيڪ کي تزويراتي اهميت وارو منصوبو سمجهي ٿو. صدر ??يو ته گوادر بندرگاهه سان علائقائي رابطن کي ??روغ ملندو ۽ چين تائين سامان جي چرپر سستي ٿيندي. ان موقعي تي صدر انساني وسيلن کي چين جي ضرورت موجب هنر سان ليس ڪرڻ جي لاءِ گڏيل تربيتي منصوبا شروع ڪرڻ جي تجويز ڏني. صدر بشام ۾ چيني شهرين تي دهشتگرد حملي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ??يو ته پاڪستان چيني شهرين ۽ سيڙپڪارن کي ??اڪستان ۾ محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندو. صدر پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي چيني حڪومت جا ٿورا مڃيا. صدر آصف علي زرداري ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي بحالي، خيبرپختونخواهه ۽ سنڌ ۾ اسڪولن جي نئين سر تعمير ۾ ايجنسي جي ڪردار کي ساراهيو. هن سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز جي لاءِ گهرن جي تعمير ۾ ايجنسي جي ڪردار کي ساراهيو. چيئرمين چائنا انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ ڪوآپريشن ايجنسي صدر کي ??اڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ ايجنسي جي ڪردار بابت آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ لوئو چائو هوئي سياحت ۽ زرعي تعاون کي ??روغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. لوئو چائو هوئي ??يو ته ٻنهي ملڪن جا دشمن ٻطرفن لاڳاپن کي ??قصان پهچائڻ چاهين ٿا، پنهنجي ارادن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا.
پاڪستان سمورن سي پيڪ منصوبن جي وقت سر تڪميل جي لاءِ پرعزم آهي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن