اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) نگران وفاقي ڪابينا پشاور ۾ 8 مان 4 احتساب عدالتن کي خصوصي عدالتن ۾ بدلائڻ، پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائينز (پي آءِ ا??) جي نئين سر جوڙجڪ، فرسٽ وومين بئنڪ لميٽيڊ جي نجڪاري ۽ دوائن جي قيمتن ۾ ڊي ريگيوليشن جي حوالي سان تجويزن جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. وفاقي ڪابينا دفاعي پيداوار واري وزا??ت جي سفارش تي ليفٽيننٽ جنرل طاهر حميد شاهه جي پاڪستان آرڊيننس فيڪٽريز بورڊ جي ميمبر ۽ چيئرمين جي طور تي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. ليفٽيننٽ جنرل طاهر حميد شاهه جي مقرري 29 نومبر 2023ع کان لاڳو هوندي. وفاقي ڪابينا پرڏيهي وزا??ت جي سفارش تي ميجر عابد منصور خان جي ل??ءِ سندس خدمتن جي اعتراف ۾ سعودي عرب جي دفاع واري وزارت پاران ”نوت شجاعت“ ۽ ”نوت شرف“ جو ايوارڊ، پرڏيهي وزا??ت جي سفارش تي محمد اشرف خان، پروٽوڪول آفيسر جي ل??ءِ سندس خدمتن جي اعتراف ۾ آسٽريا جي حڪومت پاران گولڊ ميڊل ۽ پرڏيهي وزا??ت جي سفارش تي ايئر ڪموڊور سيد عمران علي جي ل??ءِ سندس خدمتن جي اعتراف ۾ پاڪستاني سفارتخاني ٽوڪيو ۾ بطور ڊفينس اتاشي خدمتون سرانجام ڏيڻ تي ڊفينس ڪوآپريشن ايوارڊ فرسٽ ڪلاس جو ايوارڊ وصول ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا قانون ۽ انصاف واري وزا??ت جي سفارش ۽ چيف جسٽس پشاور ه??ءِ ڪورٽ جي تجويز تي پشاور ۾ 8 مان 4 احتساب عدالتن کي خصوصي عدالتن ۾ بدلائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ان کانسواءِ ا??هن عدالتن جي ججن جي مقرري جي حوالي سان چيف جسٽس پشاور ه??ءِ ڪورٽ جي تجويز منظور منظور ڪئي وئي آهي. باقي رهيل عدالتون احتساب عدالتن طور ڪم ڪنديون رهنديون. انهن تبديلين سان قومي خزاني تي ڪو اضافي بار نه پوندو. وفاقي ڪابينا نجڪاري ڊويزن جي سفارش تي پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائينز (پي آءِ ا??) جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏ??ي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پي آءِ ا?? گذريل ڪيترن ئي سالن کان خساري ۾ آهي. ڪابينا کي آگاهه ڪيو ويو ته ڪابينا جي گذريل اجلاسن ۾ پي آءِ ا?? جي مالي ۽ انتظامي نئين سر جوڙجڪ جي ل??ءِ فنانشل ايڊوائيزر جي مقرري جي منظوري ڏ??ي وئي. ڪابينا کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته فنانشل ايڊوائيزر پاران عالمي مثالن کي نظر ۾ رکندي پي آءِ ا?? جي مالياتي نئين سر تنظيم سازي جو منصوبو جوڙيو ويو جنهن تحت پي آءِ ا?? کي ٻن ڪمپنين ٽاپ – ڪو ۽ هولڊ – ڪو ۾ ورهايو ويندو. پي آءِ ا?? جي بنيادي آپريشنز انجنيئرنگ، گرائونڊ هينڊلنگ، ڪارگو، فلائيٽ ڪچن ۽ ٽريننگ کي ٽاپ – ڪو ۾ شامل ڪيو ويندو جڏهن ته ٻيا ادارا جهڙوڪ پريسيزن انجنيئرنگ ڪمپليڪس، پي آءِ ا?? انوسٽمينٽ لميٽڊ ۽ ٻين ذيلي ادارن ۽ پراپرٽيز کي هولڊ – ڪو ۾ شامل ڪيو ويندو. انهن قدمن سان سيڙپڪارن کي پي آءِ ا?? طرف راغب ڪرڻ ۾ مدد ملندي. وفاقي ڪابينا نجڪاري بابت ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي کي حڪومتي ملڪيتي ادارن جي پي آءِ ا?? تي حل طلب رقم جي حوالي سان معاملا جلد اڪلائڻ جي هدايت پڻ ڏني. وفاقي ڪابينا نجڪاري واري وزا??ت جي سفارش تي فرسٽ وومين بئنڪ لميٽيڊ جي نجڪاري جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا قومي صحت واري وزا??ت جي سفارش تي انهن دوائن جي قيمتن جي ڊي – ريگيوليشن جي حوالي سان تجويزن جي منظوري ڏئي ڇڏي جيڪي انتهائي ضروري دوائن جي نيشنل لسٽ ۾ شامل نه آهن. انهن تجويزن تحت نيشنل لسٽ ۾ موجود انتهائي ضروري دوائن کانسو??ءِ دوائن جي قيمتن کي ڊرگ ايڪٽ 1976ع کان ڇوٽ قرار ڏنو ويندو ۽ ڊرگ پراسيسنگ پاليسي 2018ع ۾ ضروري ترميمون ڪيون وينديون. وڌيڪ اهو ته پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندي ته ڊاڪٽر پاران مريضن کي وٽامنز، ملٽي وٽامنز، منرلز ۽ اوور دي ڪائونٽر مصنوعات تجويز نه ڪئي ويندي. ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي وٽامنز، ملٽي وٽامنز، منرلز ۽ اوور دي ڪائونٽر مصنوعات جي فهرست مروجه عالمي معيار موجب جوڙيندي ۽ ان حوالي سان صوبائي حڪومتن سان پڻ رابطي ۾ رهندي. وفاقي ڪابينا ا??تص??دي رابطا ڪميٽي جي پهرين فيبروري 2024ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي.
نگران وفاقي ڪابينا پشاور ۾ 8 مان 4 احتساب عدالتن کي خصوصي عدالتن ۾ بدلائڻ، پي آءِ اي جي نئين سر جوڙجڪ، فرسٽ وومين بئنڪ لميٽيڊ جي نجڪاري ۽ دوائن جي قيمتن ۾ ڊي ريگيوليشن جي حوالي سان تجويزن جي منظوري ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : سانتا کا سرپرائز