اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اڃا تائين ملڪ ۾ اهڙيون حا??تو?? نه آهن جو عام چونڊن جي تاريخ ۾ ڦيرڦار ڪئي وڃي، ??ليڪشن ڪميشن پاران تاريخ جي اعلان کانپوءِ هاڻي سمورا سوال ۽ شڪ شبها ختم ٿيڻ گهرجن، ال??ڪشن ڪميشن جون چونڊون منعقد ڪرڻ جي حوالي سان سي??يورٽي سميت سموريون ضرورتون پوريون ڪنداسين. نجي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته چونڊن جي تاريخ جي اعلان کانپوءِ هاڻي ڪنهن کي چونڊون منعقد ٿيڻ تي شڪ نه هجڻ گهرجي، ??ڳ ۾ چيو ويو ته انهن جي نيت ۾ فتور آهي ان لاءِ چونڊن جي تاريخ جو اعلان نه ڪري رهيا آهن، هاڻي جڏهن ته اتفاق راءِ سان 8 فيبروري چونڊن جي تاريخ اچي وئي آهي ته ڪو ابهام باقي نه آهي. هن چيو ته چونڊون ال??ڪشن ڪميشن کي منعقد ڪرائڻيون آهن، ال??ڪشن ڪميشن کي جن جن شين جي ضرورت هئي اهي پوريون ڪري ڇڏيون آهن. هن چيو ته ال??ڪشن ڪميشن پاران ايندڙ عام چونڊن جي لاءِ 42 ارب رپين جي بجيٽ گهري وئي هئي، پهرين مرحلي ۾ 10 ارب رپيا ڏنا ويا جنهن تي چيو ويو ته 17 ارب 40 ڪرو?? رپيا ڏنا وڃن، اهڙي طرح ناڻي واري وزارت ال??ڪشن ڪميشن کي 27 ارب 40 ڪرو?? رپيا ڏنا، باقي فنڊز به جڏهن ال??ڪشن ڪميشن ضرورت محسوس ڪندي ته فراهم ڪيا ويندا، ال??ڪشن ڪميشن کي سي??يورٽي سميت هر طرح جو تعاون فراهم ڪنداسين. هن چيو ته اڃا تائين اهڙيون حا??تو?? نه آهن جو اسان چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ سي??يورٽي فراهم نه ڪري سگهون. بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ سي??يورٽي خدشن ۽ افواهن بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هن وقت تائين اهڙيون حا??تو?? نه آهن جو اسان ڪنهن وهم يا ڪنهن ٻي سوچ ۾ مبتلا ٿي وڃُون، نه ئي ڪنهن اداري پاران اهڙي طرح جي ڪا ڳالهه ڪئي وئي آهي. هن چيو ته سي??يورٽي جون حا??تو?? اڳ ۾ به هيون ۽ اڃا به آهن، 2008ع ۽ 2018ع ۾ ال??ڪشن جي وقت جون حا??تو?? به سڀني جي سامهون آهن. هن چيو ته اهڙيون حا??تو?? نه آهن جنهن جي ڪري عام چونڊن جي تاريخ ۾ ڦيرڦار ڪئي وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري کان توهان پاڻ پڇندا ته کيس ڪنهن چيو ته صوبي ۾ وزارت اعليٰ جي اميدوار جو نالو فائنل ٿي ويو آهي، ??سان جي حساب سان چئني صوبن ۾ عام چونڊون ٿيڻيون آهن ۽ ان ۾ سموريون رجسٽرڊ سياسي پارٽيون آزادي سان حصو وٺنديون، هر سياسي پارٽي کي سياسي سرگرميون ڪرڻ جي اجازت آهي، ??لاول ڀٽو اڳ ۾ به سياسي سرگرميون ڪندو رهيو آهي ۽ هاڻي به ڪندو رهندو، اسان کي ڪو اعتراض نه آهي، ??نهن جي جتي مرضي هجي پنهنجون سياسي سرگرميون ڪري سگهي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري کي اطلاع هوندو ته نواز شريف چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجڻ وڃي رهيو آهي، ??سان کي ته ڪو اهڙو اطلاع نه آهي. هن چيو ته ايندڙ وزيراعظم ڪير هوندو ان جو فيصلو ايندڙ عام چونڊن جا نتيجا ڪندا.
اڃا تائين ملڪ ۾ اهڙيون حالتون نه آهن جو عام چونڊن جي تاريخ ۾ ڦيرڦار ڪئي وڃي، اليڪشن ڪميشن پاران تاريخ جي اعلان کانپوءِ هاڻي سمورا سوال ۽ شڪ شبها ختم ٿيڻ گهرجن: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا