اسلام آباد-23 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اس??يڪ?? راجا پرويز اشرف چيو آهي ته ڪشمير پاڪستان جي شه رڳ آهي، ڪشمير مسئلي جي پُرامن حل تائين خطي ۾ پائيدار امن جو قيام ناممڪن آهي، پاڪستان دنيا جي سمورن علائقن ۽ عالمي فورم تي ڪشميري عوام جي خوداراديت واري تحريڪ جي حمايت ڪر?? ٿو ۽ ڪشمير جي آزاديءَ تائين ڪشمير عوام جي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. آزاد ڄمون ڪشمير جي 76هين يومِ تاسيس جي حوالي سا?? پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ڪشمير پاڪستان جي شه رڳ آهي، هي ڏينهن هر سا?? 24 آڪٽوبر تي 1947ع جي آزاد ڄمون ڪشمير رياست جي قيام جي ياد ۾ روايتي جوش ۽ـ خروش سا?? ملهاي?? وڃ?? ٿو. هي ڏينهن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن مطابق ڀارت جي غير قانوني طور والاريل ڄمون ڪشمير جي آزاديءَ تائين جدوجهد جاري رکڻ جي عزم کي ورجائي ٿي. اس??يڪ?? آزاد ڪشمير جي شهيدن ۽ هيروز کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته ان شهيدن جي عظيم قربانين کي ڪڏهن به وِساري نٿو سگهجي. هن چيو ته آزاد ڪشمير جو هي علائقو ان سرزمين جي بهادر پُٽن جابر ڊوگره حڪمرانن کان آزاد ڪرايو هو. هن چيو ته گذريل 76 سا??ن ۾ آزاد ڪشمير ۾ زندگيءَ جي تقريبن هر شعبي ۾ زبردست ترقي ڏسڻ ۾ آئي آهي. آزاد ڄمون ڪشمير پنهنجي عوام جي زندگين کي بهتر بنائڻ، بنيادي ڍانچي جي ترقي ۽ هڪ جمهوري سيٽ اپ جي قيام ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته حڪومت پاڪستان جي سفارتي حمايت سا?? آزاد ڪشمير حڪومت جو ڪردار ڪشميرين جي جدوجهد آزادي خاص طور تي بين الاقوامي سطح تي اهم ڪردار رهيو آهي. هن چيو ته بين الاقوامي معاهدن مطابق ڄمون ڪشمير کي پاڪستان جي شه رڳ قرار ڏن?? وڃ?? ٿو. هن ڀارت جي مڪروه چهري کي بي نقاب ڪندي چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن مطابق ڀارت ڄمون ڪشمير جي تڪراري حيثيت کي تبديل نٿو ڪري سگهي.
ڪشمير پاڪستان جي شه رڳ آهي، ڪشمير مسئلي جي پُرامن حل تائين خطي ۾ پائيدار امن جو قيام ناممڪن آهي: راجا پرويز اشرف
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II