اسلام آباد – 04 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محم?? شهباز شريف نانگا پربت ۾ ڦاٿل جبل چاڙهو آصف ڀٽي جي بازيابي جي لاءِ فوري ريسڪيو آپريشن جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محم?? شهباز شريف چوٽيءَ سِر ڪ??دڙ جي پٽ واصف جي اپيل جو نوٽيس وٺندي گلگت بلتستان جي چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي آهي ته آصف ڀٽي جي حفاظت سان واپسي جي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن. وزيراعظم چيف سيڪريٽري کي چوٽيءَ سِر ڪ??دڙ جي پٽ واصف سان رابطو ڪندي ان جو حوصلو ٻڌائڻ جي به هدايت ڪئي. واضح رهي ته آصف ڀٽي جو 7 هزار 500 ميٽر جي بلندي تي ڦاسڻ جي اطلاع آهي. چوٽيءَ سِر ڪ??دڙ جي پٽ واصف سوشل ميڊيا جي ذريعي وزيراعظم محم?? شهباز شريف کي پنهنجي پيءُ جي مدد جي اپيل ڪئي هئي.
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا