اسلام آباد – 13– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي سفير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم کي گڏيل عرب امارات جي قيادت پاران ڪوپ 28 ۾ شرڪت جو دعوتنامو پهچايو، جيڪا 30 نومبر کان 12 ڊسمبر 2023ع تائين دبئي ۾ ٿيندي. وزيراعظم ميڊيا ??في?? پاران جاري بيان موجب وزيراعظم دعوت تي گڏيل عرب امارات جي قيادت جا ٿورا م??يا. هن گذريل سال پاڪستان ۾ تب??هي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ امدادي سرگرمين ۾ اماراتي قيادت جي تعاون تي پڻ ٿورا م??يا. وزيراعظم موسمياتي تب??يلين کي منهن ڏيڻ ۾ گڏيل عرب امارات جي ڪردار کي ساراهيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته يو اي اي جي ڪوپ 28 جي قيادت سان پاڪستان جهڙن ملڪن جيڪي موسمياتي تب??يلين سان سڀ کان وڌيڪ خطري جو شڪار آهن، جي لاءِ بامعنيٰ نتيجا نڪرندا. هن سال جنوري ۾ گڏيل عرب امارات جي صدر جي پاڪستان جي ڪامياب دوري جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ان ڳا??هه تي زور ڏنو ته ڀائراڻن لاڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي لاڳاپن ۾ تب??يل ڪرڻ ٻنهي ملڪن جي قيادت جو گڏيل عزم آهي. وزيراعظم چيو ته گڏيل عرب امارات 17 لک پاڪستانين جو گهر آهي جيڪي ٻنهي ڀائر ملڪن جي ترقي، خوشحالي ۽ معاشي ترقي ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ گڏيل عرب امارات جي سفير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش