سکر – 21 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته سستي ۽ ??ور?? انصاف جي فراهمي لاءِ سمورن ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، انصاف ڪرڻ تمام وڏي نيڪيءَ آهي. اهڙن خيالن جو ا??هار هن سکر ۾ وفاقي محتسب انشورنس ريجنل آفيس سکر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ هن اداري ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪيو آهي. سڄي دنيا ۾ ماڻهو انصاف جي فراهمي کي تيز ڪرڻ ۽ مسئلن جي ??ور?? حل لاءِ قدم کڻي رهيا آهن. تازن سالن ۾ پاڪستان ۾ به وفاقي محتسبن جي مدد سان سائلين جي مسئلن جي حل ۾ تيزي آئي آهي. بئنڪنگ صارفين جا مسئلا هجن يا ملڪي مسئلا، انهن جي ??ور?? حل ۽ وقت سر فيصلن سان ئي ماڻهن جي شڪايتن جو ا??الو ٿيندو. صدر چيو ته جيڪڏهن اسان ايگريڪلچر انسورنس تي ڌيان ڏيون ها ته ت??زي ٻوڏ سان آبادگارن ۽ زميندارن کي ٿيندڙ نقصانن جو ا??الو ڪري سگهياسين پئي. هن چيو ته ملڪ جي سمورن سيڪٽرز ۾ انشورنس جي رجحان کي وڌائڻو پوندو. صدر چيو ته سکر ۾ وفاقي محتسب جا ڪيترائي ادارا موجود آهن پر عوامي سط?? تي ماڻهن کي انهن جي ڄاڻ ن?? آهي. هن اداري ۾ موجود آفيسرن کي پنهنجي ڪم ۽ ڪارڪردگي کي ميڊيا ۾ آڻڻ گهرجي ڇو ته هي دور سوشل ميڊيا ۽ ڪميونيڪشن جو دور آهي. ان کان اڳ صدر اڱاري ڏينهن هڪ ڏينهن جي دوري تي سکر پهتو. سکر ايئرپورٽ تان آءِ بي اي يونيورسٽي آيو جتي هن وفاقي انشورنس محتسب ريجنل آفيسر سکر جو افتتاح ڪيو. وفاقي انشورنس محتسب ڊاڪٽر محمد خاور جميل صدر جو ا??تقبال ڪيو.
سستي ۽ فوري انصاف جي فراهمي لاءِ سمورن ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : گرم گرم