اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف سادگي ۽ بچت جي حوالي سان ڪيل ??يص??ن تي ڀرپور عملدرآمد جي لاءِ هڪ مانيٽرنگ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪفايت شعاري ۽ سادگي جي حوالي سان جيڪي تاريخي ??يص??ا ڪيا ويا انهن جا ڏورس نتيجا نڪرندا، ??يص??ن کي عوام ۾ پذيرائي ??لي آهي، ??يص??ا لاڳو ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي دير قابل قبول نه هوندي ۽ اهي سختي سان لاڳو ٿيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن حڪومتي سطح تي ڪفايت شعاري ۽ سادگي جي پاليسي لاڳو ڪرڻ جي حوالي سان هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته وفاقي ڪابينا جي گذريل اجلاس ۾ ڪفايت شعاري ۽ سادگي جي حوالي سان جيڪي تاريخي ??يص??ا ڪيا ويا انهن جا ڏورس نتيجا نڪرندا، انهن ??يص??ن تي عملدرآمد سان قومي خزاني جي بچت ٿيندي. وزيراعظم چيو ته انهن ??يص??ن کي عوام ۾ تمام گهڻي پذيرائي ??لي آهي جڏهن ته موثر نتيجن جو دارومد??ر قدمن تي ڀرپور عملدرآمد ۾ آهي. وزيراعظم سادگي ۽ بچت جي حوالي سان ڪيل ??يص??ن تي ڀرپور عملدرآمد جي لاءِ هڪ مانيٽرنگ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي جنهن ۾ هر اتحادي پارٽي جي ڪابينا ميمبر جي نمائندگي هوندي. هن هدايت ڪئي ته ڄاڻايل ??يص??ا لاڳو ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي دير قابل قبول نه هوندي ۽ اهي سختي سان لاڳو ٿيندا. ڄاڻايل ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت جو موقعو ڪميٽي ۾ موجود هر اتحادي پارٽي جي ڪابينا ميمبر کي ڏنو ويندو. ڪميٽي جي ٻين ميمبرن ۾ وزيراعظم جو خاص معاون محمد جهانزيب خان، وزيراعظم جو پرنسپل سيڪريٽري ۽ ناڻي وارو وفاقي سيڪريٽري شامل هوندا. وزيراعظم وڌيڪ هدايت ڪئي ته ان ڪميٽي جو اجلاس هڪ مهيني ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڀيرا منعقد ڪيو ويندو. اجلاس ۾ تعليم واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، قومي غذائي تحفظ واري وفاقي وزير طارق بشير چيما، وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪ??ر قمر زمان ڪائره، پاور ڊويزن واري مملڪتي وزير هاشم نوتيزئي، وزيراعظم جي خاص معاون جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران سادگي ۽ بچت جي حوالي سان ڪيل فيصلن تي ڀرپور عملدرآمد جي لاءِ مانيٽرنگ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کی پیش گوئی