اسلام آباد – 17 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي س??ڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان سان آمريڪي پرڏي??ي کاتي جي قونصلر ڊيرڪ شولي پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي س??ڪريٽري آمريڪي پرڏي??ي کاتي جي عهديدار جي آجيان ڪندي چيو ته لاڳيتو ٻطرفا دورا پاڪستان ۽ آمريڪا جي مثبت رويي جو مظهر آهن. پرڏيهي س??ڪريٽري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻئي مڊ ليول دفاعي ڊائيلاگ ۽ واشنگٽن ۾ ٿيندڙ واپاري ۽ سيڙپڪاري جي فريم ورڪ ايگريمينٽ ڪائونسل جي اجلاس تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن اداراجاتي ڳالهين جي ذريعي واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائ??، سلامتي، ماحولياتي تبديلي ۽ صحت جي شعبن ۾ پائيدار تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. ڊاڪٽر اسد مجيد خان زراعت، تعليم، آءِ ٽي ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ تعاون کي وڌائڻ جي ضرورت کي پڻ اجاگر ڪ??و. ??مريڪي پرڏي??ي کاتي جي قونصلر ڊيرڪ شولي چيو ته آمريڪا پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن 2022ع جي ٻوڏ کانپوءِ بحالي جي لاءِ پاڪستان ۽ ان جي عوام سان آمريڪي يڪجهتي ۽ حمايت جو اظهار ڪيو. پرڏيهي س??ڪريٽري آمريڪي حمايت تي قونصلر جا ٿورا مڃيا ۽ اميد ظاهر ڪئي ته آمريڪا ڊگهي مدي واري بحالي جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي حمايت جاري رکندو. ڊيرڪ شولي سان عالمي ترقي بابت آمريڪي ايجنسي جو قونصلر ڪلنٽن وائٽ، پاڪستان ۾ آمريڪي س??ير ڊونلڊ بلوم ۽ آمريڪي پرڏي??ي کاتي ۾ ڏکڻ ۽ وچ ايشيائي معاملن جي بيورو جو پرنسپل اسسٽنٽ سيڪريٽري الزبيٿ هورسٽ پڻ موجود هئا.
پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان سان آمريڪي پرڏيهي کاتي جي قونصلر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون