اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) سعودي عرب هِن سال آمريڪا، برطانيا، فرانس، جرمني، اٽلي، برازيل، اسپين، ڪئناڊا، نيدرلينڊ، بيلجيئم، آسٽريا، آسٽريليا، بلغاريه، ارجنٽائن سميت 58 ملڪن جي حا??ين لاءِ آن لائين رجسٽريشن جي سهولت جي شروعات ڪري ڇڏي ??هي. سعودي عرب هن سال حج لاءِ اٽڪل 58 ملڪن جي حا??ين کي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ اي پليٽ فارم جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي، سعودي حج ۽ عمره واري وزارت ايندڙ حج جي طريقيڪار کي آسان بڻائڻ جي لاءِ سعودي حڪومت پاران شروعاتي ڪوششن جي هڪ حصي طور يورپ، آمريڪا ۽ آسٽريليا جي حا??ي سڳورن جي لاءِ hajj.nusuk.sa پليٽ فارم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو. سعودي حج واري وزارت چيو آهي ته نئين سروس انهن ملڪن جي حا??ين کي درخواست ڏيڻ، ريزرويشن ڪرڻ ۽ اي پيمنٽ ڪرڻ سان گڏوگڏ حج بابت خدمتن جهڙوڪ رهائش، کاڌي، اڏامن، رهنمائي ۽ چرپر جي پئڪيجز چونڊ ڪرڻ جي قابل بڻائي ٿي، پليٽ فارم تحت ايندڙ ملڪن ۾ فرانس، جرمني، آمريڪا، برطانيا، اٽلي، برازيل، اسپين، ڪئناڊا، نيدرلينڊ، بيلجيئم، آسٽريا، آسٽريليا، بلغاريه، ارجنٽائن، يونان، جارجيا، سوئٽزرلينڊ، قبرص، ڊينمارڪ، وينزويلا، يوڪرين، ناروي، ٽرينيڊاڊ ۽ ٽوب??گو?? فن لينڊ، ڪولمبيا، آئرلينڊ، رومانيه، ڪروشيا، نيوزيلينڊ، سربيا، پرتگال، پولينڊ، هنگري، پاناما، ميڪسيڪو، چلي، پيرو، ڪيوبا، گوئٽي مالا، يور??گو??ي ۽ نگار??گو?? شامل آهن. پورٽل ۾ 7 زبانن جي سهولت ڏني وئي آهي، جتان خدمتون حا??ل ڪرڻ جي لاءِ سڀ کان اڳ اميدوار پروفائيل جوڙيندا جنهن ۾ پنهنجي باري ۾ سموري گهربل معلومات لکندا، ان کانپوءِ حج ڪرڻ جا اميدوار گهرب?? سهولتون دريافت ڪري بڪنگ ڪرائي سگهندا، جنهن جي لاءِ انهن کي گهربل دستاويز ۽ ڪاغذ لڳائڻا پوندا جڏهن ته پئڪيج جي رقم، ويزا ۽ ماسٽر ڪارڊ، بئنڪ ٽرانسفر ۽ حا??ين جي ملڪن ۾ موجود سروسز سينٽر جي ذريعي سداد سسٽم تي روڪ به جمع ڪرائي سگهبي. سعودي عرب جي حڪومت پاران اچڻ جي طريقيڪار کي آسان بڻائڻ جي لاءِ ڪيل شروعاتي ڪوششن جي حصي طور هلندڙ سال 2023ع جي حج جا مناسڪ ادا ڪندڙ حا??ين جي وڏي انگ جي مذهبي ۽ ثقافتي تجربي کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ فراهم ٿيندڙ خدمتن جو معيار پڻ بلند هوندو، جڏهن ته مُلڪ جي ويزن 2030ع پروگرامن جا مقصد پڻ حا??ل ٿيندا.
سعودي عرب پاران هِن سال آمريڪا، برطانيا، فرانس، جرمني، اٽلي، برازيل، اسپين، ڪئناڊا، نيدرلينڊ، بيلجيئم، آسٽريا، آسٽريليا، بلغاريه، ارجنٽائن سميت 58 ملڪن جي حاجين لاءِ آن لائين رجسٽريشن جي سهولت جي شروعات
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش