اسلام آباد – 14 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ناڻي ۽ ا??ڳا??ين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ملاقات ڪئي ۽ کيس عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان ڳالهين ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ اتفاق را??ِ کان آگاهه ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آءِ ايم ايف سان معاهدي تي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ يقين ڏياريو ته رياست پاڪستان حڪومت پاران آءِ ايم ايف سان ڪيل واعدن تي قائم رهندي. وفاقي وزير ٻڌايو ته حڪومت هڪ آرڊيننس جاري ڪري ٽيڪسن جي ذريعي اضافي روينيو گڏ ڪرڻي چاهي ٿي. صدر مشورو ڏنو ته ان اهم موضوع تي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ وڌيڪ مناسب هوندو ۽ فوري طو?? تي اجلاس گهرايو وڃي ته جيئن بل کي بنا دير قانون بڻا??ي سگهجي.
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج