اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي هدايت تي نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) پاران شام جي زلزلي متاثرين جي ل??ءِ امدادي کيپ خصوصي جه??ز ذريعي دمشق رواني ڪئي وئي آهي. امدادي سامان ۾ خيما ۽ ڪمبل شامل آهن. امدادي اڏام اربع ڏينهن اسلام آباد ايئرپورٽ کان دمشق لاءِ رواني ٿي. وفاقي وزير ??اڻ?? تنوير، اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ۽ پاڪستان ۾ شام جو سفير به ايئرپورٽ تي موجود هو. زلزلي سان شامي متاثر ڀينرن ۽ ڀائرن جي ل??ءِ وڌيڪ امدادي سامان جلد موڪليو ويندو. پاڪستان پاران مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ شام کي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي وئي آهي. امدادي سامان شام ۾ مقرر پاڪستان جو سفير شاهد علي وصول ڪندو. ان ??انسواءِ وڌيڪ امدادي سامان رستي وسيلي شام ۽ ترڪيءَ جي ل??ءِ جلد روانو ڪيو ويندو.
مضمون کا ماخذ : sorteos میگا سینا