ڪراچي-06 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي وزير شازيه مري چيو آهي ته ب??نظير انڪم سپو??ٽ پروگرام ذريعي هاڻي تائين برسات ۽ ٻوڏ متاثرن ۾ 19.74 ارب رپيا ورهايا ويا آهن. جاري بيان مطابق وفاقي وزير چيو ته سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ فلڊ رليف ڪيش پروگرام ذريعي بينظير انڪم سپو??ٽ پروگرام 25 هزار في خاندان جي مالي امداد ڪري رهيو آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت بينظير انڪم سپو??ٽ پروگرام ذريعي سڄي ملڪ ۾ هاڻي تائين 789631 ٻوڏ سٽيل خاندانن ۾ 25 هزار رپيا في خاندان ۽ ??جم??عي طور تي 19.74 ارب رپين جي مالي امداد ورهائي آهي. بينظير انڪم سپو??ٽ پروگرام تحت سنڌ صوبي ۾ هاڻي تائ??ن 464989 ٻوڏ متاثر ڪٽنبن ۾ 11 ارب 71 ڪروڙ کان وڌيڪ مالي امداد ورهائي وئي آهي جڏهن ته ٻوڏ متاثرن جي مالي امداد لاءِ سنڌ صوبي جي 100 تعلقن ۾ 221 ڪيمپ سائٽس قائم ڪيون ويون آهن. جاري بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته وفاقي وزير شازيه مري جي هدايتن تي نادرا سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪجهه ٻوڏ متاثر ضلعن ۾ بينظير انڪم سپو??ٽ پروگرام جي مستحق ماڻهن جي شناختي ڪارڊ جي ايڪسپائري جو شرط به ختم ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻ انهن متاثر علائقن ۾ به ٻوڏ متاثر جي مالي معاونت ڪئي پئي وڃي.
بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي هاڻي تائين ٻوڏ متاثرن ۾ 19.74 ارب رپيا ورهايا ويا آهن: شازيه مري
مضمون کا ماخذ : لاٹری نمبر کا انتخاب