حيدرآباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر ۽ پا??ستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ صاحبزاده شبير انصاري 5 آگسٽ تي ڀارت پاران غيرقانو??ي طور تي والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ جهڙي ڪڌي قدم جي ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي سڄي ملڪ ۾ استحصال ڏهاڙو ڀرپور انداز ۾ ملهائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. اي پي پي سان خصوصي ڳال??ه ٻولهه ڪندي اڳوڻي ايم اين اي چيو ته هن ڏينهن ملهائڻ جو مقصد ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ والاريل ڪشمير جي معصوم عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ آهي. هن چيو ته پا??ستان مسلم ليگ (ن) ۽ ملڪ جي ٻين سياسي پارٽين پاران ريليون ڪڍيون وينديون ۽ ڪشميرين تي ٿيندڙ ڀارتي ظلمن جي خلاف آواز اٿاريو ويندو. هن چيو ته ڪشمير پا??ستان جي شهه رڳ آهي ۽ ان مسئلي کي گڏيل قومن جي ق??ار??ادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب حل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پا??ستان مسلم ليگ (ن) ڪشمير مسئلي کي سدائين گڏيل قومن سميت سمورن فورمن تي اجاگر ڪيو آهي. هن حيدرآباد جي شهرين کي اپيل ڪئي ته اهي 5 آگسٽ تي ڪڍي ويندڙ ريلين ۾ ڀرپور شرڪت ڪري ڀارت جي والاريل ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي جي خلاف ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرائين.
5 آگسٽ تي ڀارت پاران غيرقانوني طور تي والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ جهڙي ڪڌي قدم استحصال ڏهاڙو ڀرپور انداز ۾ ملهائڻ جي ضرورت: صاحبزاده شبير انصاري
مضمون کا ماخذ : estratégias loteria وفاقی