اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جو قومي اسيمبلي ميمبر راجا پرويز اش??ف بنا مقابلي قومي اسيمبلي جو اسپيڪر چونڊجي ويو آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس جي صدارت ڪندڙ سردار اياز صادق چيو ته ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري پنهنجي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي ۽ اسيمبلي سيڪريٽريٽ ان جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، ان لاءِ ان جي استعيفيٰ منظور ڪئي وئي آهي. قومي اسيمبلي جي اڄ جي ايجنڊا ۾ ڊپٽي اسپيڪر جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ ج?? ائٽم تي عم??درآمد نه ٿيندو. سردار اياز صادق چيو ته اسپيڪر جي چونڊ لاءِ سيد خورشيد شاهه ۽ سيد نويد قمر راجا پرويز اش??ف جو نالو ڏنو جنهن جي مقابلي ۾ ڪنهن ٻئ?? اميدوار ڪاغذ جمع نه ڪرايا ان لاءِ راجا پرويز اش??ف کي بنا مقابلي اسپيڪر چونڊيو وڃي ٿو. بعد ۾ سردار اياز صادق نئين چونڊيل اسپيڪر راجا پرويز اش??ف کان سندس عهدي جو حلف ورتو.
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال