اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) ڊينمارڪ جي حڪومت افغانستان مان پنهنجي شهرين جي حفاظت سان واپسي ۾ مدد تي پاڪستان جو ٿورو ادا ڪيو آهي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان پاڪستان ۾ ڊينمارڪ جي سفير ليس روزن ه??لم ملاقات ڪئي ۽ ڊينمارڪ جي شهرين جي مشڪل وقت ۾ مدد ڪرڻ ڊينمارڪ جي حڪومت ۽ عوام پاران پاڪستان جو ٿورو ادا ڪيو. صدر چيو ته پاڪستان غير ملڪي شهرين ۽ عالمي تنظيمن جي ميمبر?? کي فضائي ۽ زميني رستن ذريعي ڪڍيو، ان موقعي تي پاڪستان جي صحت جي نظام ۾ طبي اخلاقيات جي فروغ جي حوالي سان صدر جي صدارت ۾ اجلاس منعقد ٿيو، ڊينمارڪ جي سفير اجلاس کي طبي اخلاقي طريقن ۽ ڊينمارڪ جي اعليٰ معيار جي صحت جي نظام جي باري ۾ آگاهه ڪيو، اجلاس ۾ صحت جي شعبي جي پروفيشنلز ۾ صحت جي خدمتن جي فراهمي جي اخلاقي ۽ بهترين طريق?? کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ??نو ويو، صدر چيو ته طب جي پيشي سان لاڳاپيل ماڻه?? کي اينٽي بايوٽڪس کي غير ضروري طور تي تجويز ڪرڻ جي رجحان جي حوصلا شڪني ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اهو طبي نگهداشت جي ڪارڪنن، دواساز ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي ذميداري آهي ته هو طبي اخلاقيات کي فروغ ڏين ۽ مريض?? کي اينٽي بايو ٽڪ?? جي ضرورت کان وڌيڪ نسخي جي حوصلا شڪني ڪن، اجلاس ۾ نيشنل هيلٿ سروسز، ريگوليشن اينڊ ڪوآرڊينشن واري وزارت جي پارلياماني سيڪريٽري ڊاڪٽر نوشين حامد ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
صدر سان ڊينمارڪ جي سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے عمومی نمبر