اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ”ڪشمير استحصال ڏهاڙي“ جي حوالي سان سينيٽ جو اجلاس 5 آگسٽ اربع ڏينهن صبح ساڍا ڏهين وڳي طلب ڪيو آهي. سينيٽ جي خصوصي اجلاس دوران ڪشمير مسئلي جي حوالي سان پارليامينٽ ۽ عوام پاران مظلوم ڪشميرين جي حق ۾ هر سطح تي آواز اٿارڻ جي عزم کي ورجايو ويندو ۽ ڪشميرين جي خودمختياري ??ي حق کانسواءِ ڀارت جي قبضي هيٺ ڪ??مير ۾ قابض ڀارتي فوج پاران ڪيل ظلمن جي خلاف پڻ آواز اٿاريو ويندو. ان موقعي تي عالمي برادري ??ي زور ڏنو ويندو ته اها ڀارت جي قبضي هيٺ ڪ??مير ۾ ڀارتي فوج پاران ڪيل ظلم بند ڪرائڻ جي لا??ِ پنهنجو اثررسوخ استعمال ڪري. سينيٽ جو اهو خاص اجلاس ڪشمير جي حوالي سان هڪ نقاطي ايجنڊا تي هوندو جنهن دوران سينيٽ ?? موجود سياسي پارٽين جا پارلياماني اڳواڻ بحث ۾ حصو وٺندا. اهو اجلاس ان حوالي سان به تاريخي اهميت رکي ٿو ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي اجلاس کي خطاب ڪندو. ان موقعي تي پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير جا جهندا پڻ ايوان ۾ رکيا ويندا. اجلاس جي ڪارروائي ڏسڻ جي لا??ِ مختلف ملڪن جي سفيرن ۽ هاءِ ڪمشنرن کي خاص طور تي دعوت ڏني وئي آهي.
صدر پاران ”ڪشمير استحصال ڏهاڙي“ جي حوالي سان سينيٽ جو اجلاس 5 آگسٽ تي طلب
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار